اسلام آباد: ايران، آمريڪا امن عمل کي بچائڻ لاءِ پاڪستان ۽ قطر سرگرم ٿي ويا آهن، تيزي سان خراب ٿيندڙ سيڪيورٽي صورتحالي جي حوالي سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو.
ايران جون سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي ارنا موجب عباس عراقچي آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ انهي کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي واضح ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن چيو ته سينئر آمريڪي اختيارين جي بيانن جنهن سان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اهي معاهدي جا وڌيڪ پابند نه آهن انهي ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته واشنگٽن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
ايراني پرڏيهي وزير آمريڪا کي ڪنهن به اڳڀرائي جي حوالي سان خبردار ڪندي ملڪي خودمختاري، علاقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي دفاع لاءِ تهران جي ارادن جو اظهار ڪيو آهي اهو ٽيليفونڪ رابطو اهڙي وقت ۾ ٿيو جڏهن اسلام آباد امن جي عمل کي ناڪام ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پردي پٺيان سفارتڪاري کي تيز ڪيو آهي.
سفارتي ذريعن موجب پاڪستان ۽ قطر امن عمل بچائڻ ۽ ڳالهين جي بحالي لاءِ تهران ۽ واشنگٽن ٻنهي سان ويجهي رابطي ۾ آهن. سفارتي مبصرين جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن معاهدي جي مستقبل لاءِ اهم هوندا، جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا باضابطه طور تي ايم او يو کان دستبرداري اختيار ڪئي آهي پر ٻئي ڌريون هڪ ٻئي تي ايم او يو جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائي رهيون آهن جنهن سان ٽياڪڙي جو ڪم مشڪل کان مشڪل ٿيندو پيو وڃي. سخت ڇڪتاڻ جي باوجود پاڪستاني اختياريون پراميد آهن ته مستقل سفارتي ڪوششن امن اعمل جي مڪمل خاتمي کي روڪي سگهن ٿيون.
هوڏانهن ترڪ خبرون ڏيندڙ ايجنسي اندولو چيو ته پاڪستان ۽ قطر آمريڪا ۽ ايران سان رابطه ڪري ٻنهي تي زور ڏنو آهي ته اهي جنگ روڪي معاهدي جي تحت ڳالهين جي ميز تي اچن، پاڪستاني ذريعن ٻڌايو ته هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي انهي جي اميد نه هئي پر ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ مسئلا ڏکيا ۽ انتهائي گهمبير آهن.
ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان پراعتماد آهي ته هن وقت جاري صورتحال مڪمل جنگ جي صورت ۾ تبديل نه ٿيندي، ٻئي ڌريون مڪمل طور تي سمجهن ٿيون ته مڪمل جنگ انهن جي مفاد ۾ نه آهي.
تازين چڪرين کان اڳ آمريڪي ۽ ايراني ڳالهيون ڪندڙن کي هفتي يا ٻن هفتن ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جي لاءِ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪرڻي هئي پر هاڻ صورتحال مختلف آهي، هن وقت ٽياڪڙن جي اولين ترجيح ڇڪتاڻ کي روڪڻ آهي اسلام آباد کي جلد ئي ڳالهين جي ٻئي دور جي ميزباني جي اميد آهي.
ذريعن انهي ڳالهه جو به اعتراف ڪيو آهي ته لبنان ۾ جتي اسرائيلي فوج ڪارروايون جاري رکندي پئي اچي جنهن سان اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عمل نه ٿي سگهيو هو. ايران انهي ڳالهه تي بيٺل هو ته جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد ۽ ڏکڻ لبنان مان اسرائيلي فوج جي انخلا کان پوءِ ئي آبنائي هرمز بحال ڪندو جڏهن ته واشنگٽن جو موقف انهي جي ابتڙ هو ته جيڪي مسئلا اڳ ئي حل ٿي چڪا آهن انهن کي حل طلب معاملن سان نه جوڙڻ گهرجي.
تبصرے بند ہیں۔