ڪراچي: پاڪستان جي سينيئر اداڪار فردوس جمال بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي اداڪاريءَ تي تنقيد ڪندي کيس هڪ وڏو اسٽار ته قرار ڏنو پر کيس وڏو اداڪار مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.تازو ئي اداڪار فردوس جمال هڪ خانگي ٽي وي جي مزاحيه شو ۾ بطور مھمان شريڪ ٿيو جتي هن مختلف فنڪارن ۽ انهن جي فني صلاحيتن تي کلي ڪري خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار دليپ ڪمار جو مداح آهي پر شاهه رخ خان جو دليپ ڪمار سان موازنو (ڀيٽ) درست ناهي، دليپ ڪمار هڪ منفرد ۽ عظيم اداڪار هو جڏهن ته شاهه رخ خان ان معيار جي اداڪاري پيش ناهي ڪري سگهيو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شاهه رخ خان جي ادائيگي، تلفظ ۽ ڳالهائڻ جي انداز ۾ اها پختگي نظر نٿي اچي جيڪا هڪ عظيم اداڪار جي سڃاڻپ هوندي آهي، شاهه رخ خان هڪ غير معمولي شهرت رکندڙ سپر اسٽار ضرور آهي، پر بطور اداڪار سندس مقام ايترو بلند ناهي جيتري سندس مقبوليت آهي.
تبصرے بند ہیں۔