زيارت: 21 شهيدن جا لاش وارث احتجاجن طور اسپتال کان ڌرڻي ۾ کڻي ويا، مظاهرين ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ

ڪوئٽه:  زيارت جي 21 شهيدن جا لاش وارث احتجاج جي طور تي سول اسپتال کان ڌرڻي ۾ کڻي ويا، وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ڳالهين تائين تدفين نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

زيارت جي علائقي مانگي ڊيم فيز ٿري ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل 21 پوليس اهلڪارن جا لاش وارث ۽ مظاهرين احتجاج جي طور تي سول اسپتال ڪوئٽه کان پنهنجي قبضي ۾ وٺي هنه اوڙڪ ايئرپورٽ روڊ تي جاري احتجاجي ڌرڻي ۾ منتقل ڪري ڇڏيا جنهن سبب اسپتال ۾ شديد ڇڪتاڻ، افراتفري ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال پيدا ٿي وئي.

ذريعن موجب 21 شهيدن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿي چڪو هو پر ميتن جي حوالگي ۽ تدفين جي حوالي  سان پيدا ٿيل صورتحال تي وارثن ۾ شديد  ڪاوڙ نظر اچي رهي آهي. احتجاج جي دوران وارثن، مقامي شهرين ۽ مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن سول اسپتال ۾ نعريبازي ڪئي جنهن کان پوءِ لاش پاڻ سان گڏ ڌرڻي جي هنڌ تي کڻي ويا.

انهي موقعي   تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عبدالرحيم زيارتوال سميت ٻيا سياسي اڳواڻ به موجود هئا جن شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شهيدن جا مڙهه هنه اوڙڪ ايئرپورٽ  روڊ تي جاري احتجاجي ڌرڻي ۾ پهچڻ کان پوءِ مظاهرين اعلان ڪيو ته  جيستائين وزيراعظم پاڪستان ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان سڌو سنئون ڳالهيون نٿيون ٿين انهي وقت تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو ۽ شهيدن جي لاشن جي تدفين به ڪئي ويندي. مظاهرين جو چوڻ هو ته اهي پنهنجي مطالبن جي منظوري تائين احتجاج ختم نه ڪندا.

احتجاج جي دوران ڪجهه هنڌن تي مظاهرين ۽ پوليس  وچ ۾ ڇڪتاڻ به ڏسڻ ۾ آئي، ذريعن موجب پٿراءُ جي نتيجي ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي به ٿيا جنهن کان پوءِ پوليس سول اسپتال ۽ چوڌاري وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪندي رستا بند ڪري ڇڏيا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن زيارت جي علائقي مانگي ڊيم فيز ٿري ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ٻن ايس ايڇ اوز سميت ڪيترائي پوليس اهلڪار شهيد ٿيا هئا.

تبصرے بند ہیں۔