خضدار: قبائلي شخصيت شفيق الرحمان مينگل جي رهائشگاهه تي آپگهاتي حملو، 14 ڄڻا مارجي ويا

خضدار:  خضدار ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ مشهور  قبائلي شخصيت مير شفيق الرحمان مينگل جي رهائشگاهه تي ٿيل آپگهاتي ۽ هٿياربند دهشتگرد حملي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ 5 پوليس اهڪار به شامل آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 5 حملو ڪندڙ به مارجي ويا. حملي ۾ مير شفيق الرحمان مينگل محفوظ رهيو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، پوليس ۽ سيڪيورٽي ذريعن موجب حملو انتهائي منظم انداز ۾ ڪيو ويو.

شروعاتي طور تي هڪ آپگهاتي حملي آور رهائشگاهه جي مُک گيٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن سان داخلي رستو تباهه ٿي ويو انهي جي فورن بعد ٻيا آپگهاتي ۽ هٿياربند حملي آور گهر جي اندر داخل ٿيا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. ذريعن موجب سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن ۽ حملي آورن جي وچ ۾ تقريبن 3 ڪلاڪن تائين شديد فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران پنج حملي آور مارجي ويا. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مارجي ويل ۽ زخمي ماڻهن کي فوري طور تي سي ايم ايڇ ۽ ٽيچنگ اسپتال خضدار منتقل ڪيو ويو.

بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته امن دشمن عناصر بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ عوامي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا پر حڪومت، عوام ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ارادن سامهون دهشتگرد ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته مير شفيق الرحمان مينگل جنهن بهادري، جرئت ۽ ثابت قدمي سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، اهو تعريف جوڳو آهي، دهشتگردن جي سامهون نه جهڪڻ جي قومي ارادي جي بهترين مثال آهي.

وڏي وزير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته حملي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ياد رهي ته ماضي ۾ به شفيق مينگل کي نشانو بنايو ويو هو، مير شفيق الرحمان مينگل انهي کان اڳ به دهشتگردن جي نشاني تي رهي چڪو آهي. 30 ڊسمبر 2011 تي ڪوئٽه جي ارباب ڪرم خان روڊ تي انهن جي رهائشگاهه جي ٻاهران هڪ ڪار بم آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته 30 زخمي ٿي پيا هئا. انهي حملي ۾ به شفيق مينگل ۽ انهي جو خاندان محفوظ رهيو انهي وقت انهي حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي قبول ڪئي هئي.

 

تبصرے بند ہیں۔