ايران جا بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي فوجي اڏن سميت 85 حدفن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا

تهران:  ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته انهي جي بحري ۽ فضائي فوج گڏيل ڪارروائي ڪندي بحرين ۽ ڪويت ۾ واقع آمريڪي فوجي ٺڪاڻن سميت گڏيل طور تي 85 حدفن کي ميزائلن ۽ ڊرونز سان نشانو بنايو آهي.

پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان موجب حملن ۾ بحرين ۾ قائم آمريڪي بحريه جي ففٿ فليٽ جي هيڊ ڪوارٽر ۽ ڪويت ۾ واقع علي السالم ايئربيس کي به حدف بنايو ويو. ايراني فوجي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها ڪارروائي آمريڪا طرفان جنگبندي ۽ اسلام آباد معاهدي جي مبينه ڀڃڪڙي جي جواب ۾ ڪئي وئي.

ايران جو موقف آهي ته آمريڪا ساڳئي ڏينهن صوبي برمزگان ۽ مابشهر ۾ سامونڊي ۽ غير فوجي هنڌن تي فضائي حملا ڪيا هئا جنهن کان پوءِ اها جوابي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.

پاسداران انقلاب انهي حملي کي شروعاتي جواب قرار ڏيندي چيو آهي ته ايران پنهنجي خودمختاري ۽ قومي سلامتي جي خلاف ڪنهن به ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.

بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آمريڪا ايراني سپريم ليڊر علي خامنائي جي آخري رسمن جي موقعي تي فضائي حملا ڪري انهي تاريخي موقعي جي اهميت کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايراني عوام ۽ هٿياربند فوج انهي دٻاءُ جي سامهون نه جهڪندي.

ٻئي طرف انهي خبر جي حوالي سان آمريڪا، بحرين يا ڪويت طرفان فوري طور تي ڪوبه سرڪاري رد عمل سامهون ناهي آيو جڏهن ته حملن جي نوعيت، نقصانن يا جاني نقصان بابت به آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي. تجزيه ڪارن موجب جيڪڏهن ايران جي دعويٰ جي تصديق ٿئي ٿي ته اها عرب خطي ۾ ڇڪتان م وڌيڪ اضافو ۽ ايران، آمريڪا جي وچ ۾ جاري بحران کي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ڪري سگهي ٿي.

 

تبصرے بند ہیں۔