ڪراچي : بيلجيم هٿان هڪ جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان شڪست بعد آمريڪا به هن ٽورنامينٽ جي ٻن ٻين گڏيل ميزبانن، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جيان آئوٽ ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ ريڊ ڪارڊ سبب هڪ ميچ جي پابندي سبب آمريڪا جي ٽاپ اسڪورر فولارين بالاگون تي پابندي هئي، جيڪا فيفا جي سربراهه سان فون تي ڳالهائي صدر ٽرمپ ختم ڪرائي پر ان جي باوجود به هو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو. فيفا جي فيصلي تي دنيا ڀر ۾ تنقيد ٿي رهي آهي ته هن راند جي معاملن ۾ سياسي دٻاءُ ڇو قبول ڪيو.
هن ٽورنامينٽ جو هڪ ٻيو وڏو اپ سيٽ رونالڊو جي پرتگال کي زيرو جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان اسپين جي شڪست آهي.
فٽبال جي تاريخ جي عظيم ترين ڪيريئرن مان هڪ جو اختتام سڀ کان وڏي اعزاز کانسواءِ ٿي ويو، جڏهن پرتگال لاءِ ڪرسٽيانو رونالڊو جو آخري عالمي ڪپ ميچ اسپين هٿان آخري 16 جي مرحلي ۾ 1-0 جي شڪست سان ختم ٿيو.
رونالڊو جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون، جڏهن ڊيلاس ۾ سندس عالمي ڪپ جو سفر ختم ٿيو. اسپين جي ميڪل ميرينو انجري ٽائيم ۾ فاتح گول ڪري پنهنجي ٽيم کي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو.
41 ورهين جي رونالڊو، جيڪو پنج ڀيرا بالون ڊي اور، پنج ڀيرا چيمپئنز ليگ ۽ يورو 2016 جو فاتح رهي چڪو آهي، پنهنجي ڪلبن ۽ قومي ٽيم لاءِ عالمي رڪارڊ طور 976 گول ڪري چڪو آهي.
هن مسلسل ڇهن عالمي ڪپن ۾ گول ڪرڻ جو منفرد عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. پر عالمي ڪپ کٽڻ جي هو سڀ کان ويجهو 2006ع ۾ پهتو، جڏهن پنهنجي پهرين عالمي ڪپ ۾ پرتگال کي سيمي فائنل تائين وٺي ويو.
رونالڊو اڳ ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته هي سندس آخري عالمي ڪپ هوندو. جڏهن ميچ کانپوءِ کانئس پڇيو ويو ته ڇا هو قومي ٽيم لاءِ کيڏڻ جاري رکندو، ته هن جواب ڏنو: “هاڻي مان پنهنجي خاندان سان ملندس ۽ سڪون سان ويهي فيصلو ڪندس.”
اهو بحث شايد هميشه جاري رهندو ته جيڪڏهن پرتگال تي هر ميچ ۾ النصر جي اسٽار رونالڊو کي لازمي کيڏائڻ جو دٻاءُ نه هجي ها ته ڇا ٽيم وٽ عالمي ڪپ کٽڻ جو وڌيڪ بهتر موقعو هجي ها.
پر بي بي سي جي مبصر ۽ اڳوڻي انگلينڊ جي اسٽرائيڪر ڪرس سٽن، جيڪو ٽيڪساس ۾ BBC Radio 5 Live لاءِ موجود هو، ان معاملي ۾ ڪنهن به شڪ جو اظهار نه ڪيو.
هن چيو: “هو ميدان ۾ بلڪل هڪ پوڙهي ماڻهو وانگر آهستي آهستي هلي رهيو هو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو پرتگال ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو.” سٽن وڌيڪ چيو: “ڪرسٽيانو رونالڊو ڪجهه به نه ڪيو؛ هن جو ڪو به اثر نه رهيو. ‘روبرٽو مارٽينيز آخر ڪري ڇا رهيو آهي؟ هو هڪ رانديگر کي ايتري رعايت ڇو ڏئي رهيو آهي؟
پرتگال جي ٻاهر ٿيڻ جو ذميوار روبرٽو مارٽينيز آهي”
آخري سيٽي وڄڻ کان پوءِ قومي ٽيم جي ڪوچ روبرٽو مارٽينيز پنهنجي عهدي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، پر ساڳئي وقت رونالڊو کي “فٽبال جو آئيڪن” قرار ڏيندي سندس واکاڻ به ڪئي.
مارٽينيز چيو: “اسان کي هن جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي ته هن عالمي ڪپ ۾ جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جو خواب عالمي ڪپ کٽڻ هو، ۽ ان خواب جي پويان هن هڪ شاندار مثال قائم ڪيو. هو نه رڳو هڪ عظيم فٽبالر، پر هڪ بهترين انسان هجڻ جو به اعليٰ مثال آهي.”
گذريل ڪيترن ئي وڏن عالمي ٽورنامينٽن دوران هڪ اهم بحث بار بار سامهون ايندو رهيو آهي ته ڇا ڪرسٽيانو رونالڊو کي شروعاتي يارنهن رانديگرن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي يا نه.
رونالڊو پنهنجي قومي ٽيم لاءِ مردن جي عالمي فٽبال ۾ رڪارڊ 146 گول ڪري چڪو آهي، پر تازن سالن ۾ سندس ناقدن جو چوڻ رهيو آهي ته هاڻي هو گول ڪرڻ کان سواءِ ٽيم کي گهڻو ڪجهه نٿو ڏئي.
پنهنجي عالمي شهرت ۽ غيرمعمولي حيثيت سبب لڳي رهيو هو ته ڪوچ روبرٽو مارٽينيز وٽ کيس بينچ تي ويهارڻ جي همت نه هئي.
پر اهڙي ٽيم، جنهن ۾ دنيا جا ڪجهه بهترين محافظ ۽ مڊفيلڊر شامل هجن، ان کان گهٽ ۾ گهٽ آخري 16 تائين محدود رهڻ کان بهتر ڪارڪردگي جي اميد ڪئي پئي وئي.
اسڪواڊ جا چار رانديگر تازن ٻن چيمپئنز ليگ مقابلن ۾ پيرس سينٽ جرمين (PSG) سان گڏ فاتح رهيا هئا. انهن ۾ کاٻي پاسي جو محافظ نونو مينڊيز، مڊفيلڊر ويتينيا ۽ جواو نيويس، ۽ اسٽرائيڪر گونڪالو راموس شامل هئا، جيڪو هن اونهاري ۾ اي سي ميلان ۾ شامل ٿيو.
جڏهن ته مانچسٽر يونائيٽيڊ جو مڊفيلڊر برونو فرنينڊيز انگلينڊ جي پريميئر ليگ جو سال جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ڪرس سٽن سوال ڪيو: “گونڪالو راموس کي ميدان ۾ اچڻ جو موقعو ڇو نه مليو؟ هي مينيجر طرفان انتهائي شرمناڪ فيصلو هو، جيڪو رڳو پنهنجي اسٽار رانديگر کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو.
رونالڊو بلاشبه پرتگال جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ اعزاز ماڻيندڙ رانديگر آهي، پر ڪوچ کي ان کان وڌيڪ مضبوط موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ها.”
رونالڊو هن عالمي ڪپ ۾ ٽي گول ڪيا، جن مان ٻه ازبڪستان خلاف ۽ هڪ ڪروشيا خلاف پينالٽي تي هو.
جيتوڻيڪ ٽورنامينٽ ۾ ڏهن رانديگرن رونالڊو کان وڌيڪ گول ڪيا، پر 2026ع جي عالمي ڪپ ۾ صرف چار رانديگرن ئي سندس 18 شاٽن کان وڌيڪ شاٽ هنيا.
رونالڊو جا شاٽ گڏيل ٽاپ اسڪورر ارلنگ هالينڊ جيترا ئي هئا، جنهن ست گول ڪيا. پر مقابلي طور رونالڊو پنهنجي پنجن ميچن دوران صرف هڪ ئي ڀيري ڪنهن ساٿي رانديگر لاءِ گول جو موقعو پيدا ڪيو.
عالمي ڪپ ۾ 366 رانديگرن رونالڊو کان وڌيڪ ڀيرا بال کي ٽچ (يا پير) ڪيو، جيتوڻيڪ هن پرتگال جي پنجن ميچن مان صرف نَو منٽ نه کيڏيا هئا.
مارٽينيز پنهنجي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو: “جڏهن ٽيم کي گول جي ضرورت هجي ته گهٽ ۾ گهٽ 90 منٽن اندر توهان ڪرسٽيانو رونالڊو کي ميدان مان ٻاهر نٿا ڪڍي سگهو. هو جسماني طور مڪمل طور تي تيار آهي. سندس موجودگي، خالي جڳهون پيدا ڪرڻ، فري ڪِڪس ۽ مقرر ٿيل موقعن تي سندس اهميت، ۽ سندس تجربو اسان لاءِ انتهائي قيمتي آهي.”
رونالڊو، جيڪو اڳ اسپورٽنگ، مانچسٽر يونائيٽيڊ، ريئل ميڊرڊ ۽ يووينٽس لاءِ کيڏي چڪو آهي، ۽ سندس ڊگهي عرصي جو حريف ليونيل ميسي، ٻنهي فٽبال جي مداحن جو انداز ئي بدلائي ڇڏيو آهي.
اڄ ڪيترائي ماڻهو ڪنهن ڪلب کان وڌيڪ رونالڊو يا بارسلونا جي اڳوڻي ڏند ڪٿائي رانديگر ۽ پي ايس جي جي اڳوڻي اسٽرائيڪر ميسي جا مداح سڏائڻ پسند ڪن ٿا.
هن اونهاري ۾ ٻنهي جي تاريخي مقابلي تي BBC iPlayer جي هڪ دستاويزي فلم پڻ پيش ڪئي وئي.
رونالڊو ۽ ميسي جي مداحن جي وچ ۾ اهو بحث شايد ڪڏهن به ختم نه ٿيندو ته ٻنهي مان سڀ کان وڏو فٽبالر ڪير آهي، يا اصل ۾ ڪو هڪ ئي “هر دور جو عظيم ترين رانديگر” آهي يا نه.
پر 2022ع تائين ٻنهي بابت هڪ ئي وڏي تنقيد ڪئي ويندي هئي ته انهن مان ڪنهن به عالمي ڪپ نه کٽيو هو، جڏهن ته فٽبال جا عظيم ليجنڊ پيلي ۽ ڊيگو ميراڊونا اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪري چڪا هئا.
پر 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيل عالمي ڪپ دوران ليونيل ميسي ارجنٽينا کي چيمپئن بڻائي اهو وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو، ۽ اهڙيءَ ريت سندس خلاف اها تنقيد ختم ٿي وئي. جڏهن ته ڪرسٽيانو رونالڊو هاڻي عالمي ڪپ کٽڻ کانسواءِ ئي پنهنجي عالمي ڪپ جي ڪيريئر جو خاتمو ڪندو.
ٻئي رانديگر پنهنجي ڪيريئر جي آخري مرحلي ۾ آهن. رونالڊو سعودي عرب جي ڪلب النصر لاءِ کيڏي رهيو آهي، جڏهن ته ميسي آمريڪي ڪلب انٽر ميامي سان لاڳاپيل آهي. تنهن هوندي به، هن مرحلي تي ميسي جو اثر وڌيڪ نمايان نظر اچي رهيو آهي.
ميسي ستن گولن سان گڏيل طور ٽورنامينٽ جو ٽاپ اسڪورر آهي، بلڪل ايترا ئي گول جيترا هن 2022ع جي عالمي ڪپ ۾ به ڪيا هئا، جڏهن ته رونالڊو انهن ٻن عالمي ڪپن ۾ گڏجي رڳو چار گول ڪري سگهيو آهي.
رونالڊو جي اڳوڻي ساٿي ۽ مانچسٽر يونائيٽيڊ جي ڏند ڪٿائي رانديگر وين رووني چيو: “هو هڪ سپر اسٽار آهي.
هن فٽبال ۽ دنيا جي لکين ماڻهن کي جيڪو ڪجهه ڏنو آهي، اهو انتهائي ناياب آهي. هو يقيناً مايوس هوندو، ڇاڪاڻتہ کيس پڪو يقين هو ته هو هي عالمي ڪپ کٽي سگهي ٿو. پر وقت آخرڪار سڀني کي مات ڏئي ٿو. اڄ فٽبال لاءِ هڪ اداس ڏينهن آهي.”
‘اسان کي روئڻ نه، پر خوش ٿيڻ گهرجي ته اسان کيس پنهنجي اکين سان ڏٺو’
رونالڊو جي ڊگهي ڪيريئر جو اعتراف
رونالڊو پنهنجي ڊگهي ڪيريئر جي ڪري عالمي ڪپ جا ڪجهه اهم رڪارڊ اڃا تائين پنهنجي نالي رکي ٿو. هو تاريخ جو واحد رانديگر آهي جنهن ڇهن مختلف عالمي ڪپن ۾ گول ڪيو، جڏهن ته ڇهن عالمي ڪپن ۾ حصو وٺندڙ صرف ٻه رانديگر آهن: رونالڊو ۽ ميسي.
عالمي ڪپ ۾ سندس 11 گول کيس تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگرن جي فهرست ۾ نائين نمبر تي رکن ٿا، جڏهن ته ميسي 20 گولن سان پهرين نمبر تي آهي.
بهرحال، انهن 11 گولن مان صرف هڪ ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ٿيو، جيڪو هن سال آخري 32 جي مقابلي ۾ ڪروشيا خلاف پينالٽي ذريعي ڪيو.
حقيقت ۾، گذريل عالمي ڪپ دوران ان وقت جي ڪوچ فرننڊو سانتوس رونالڊو کي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ بينچ تي ويهاري ڇڏيو هو. اهو 2008ع کان پوءِ پهريون ڀيرو هو جو رونالڊو ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ جي ميچ جي شروعاتي يارنهن ۾ شامل نه ٿيو، ڇاڪاڻتہ ٻنهي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا هئا.
ڪرس سٽن وڌيڪ چيو: “گذريل عالمي ڪپ جي آخري 16 واري ميچ ۾ گونڪالو راموس کي موقعو مليو هو، ۽ هن هيٽ ٽرڪ ڪري ڏيکاري هئي، ڇاڪاڻتہ ان وقت جي مينيجر وٽ رونالڊو کي ٻاهر ويهارڻ جي همت هئي.
هاڻي چار سال گذري چڪا آهن، رونالڊو به چار سال وڌيڪ وڏي عمر جو ٿي ويو آهي، ۽ نتيجو سڀني جي سامهون آهي.”
ميچ کانپوءِ بي بي سي سان ڳالهائيندڙ ڪيترائي پرتگالي مداح ان ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪري رهيا هئا ته عالمي ڪپ ۾ رونالڊو جو سفر هاڻي ختم ٿي ويو آهي.
هڪ مداح چيو: “منهنجو هڪ خواب هو ته مان رونالڊو کي پنهنجي اکين سان کيڏندي ڏسان. مان خوش آهيان ته اهو خواب پورو ٿيو. هو اسان لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي آهي.
مان ڏاڍو جذباتي آهيان. هن ڀيري قسمت اسان جو ساٿ نه ڏنو. رونالڊو جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو خوبصورت هو. اسان کي روئڻ نه گهرجي، پر خوش ٿيڻ گهرجي ته اسان کيس پنهنجي اکين سان کيڏندي ڏٺو.”
‘هاڻي ڪوچنگ جاري رکڻ جو ڪو مطلب ناهي’
اڳوڻو سوانزي سٽي، ويگن ايٿليٽڪ ۽ ايورٽن جو ڪوچ روبرٽو مارٽينيز 2016ع کان 2022ع تائين بيلجيم جي قومي ٽيم جو ڪوچ رهيو، جڏهن ته 2023ع کان پرتگال جي ذميواري سنڀالي.
هن بيلجيم کي 2018ع جي عالمي ڪپ جي سيمي فائنل تائين پهچايو، جتي ٽيم فرانس کان هارائي وئي، پر 2022ع ۾ بيلجيم گروپ مرحلي مان ئي ٻاهر ٿي ويو.
مارٽينيز گذريل سال پرتگال کي نيشنز ليگ جو ٽائيٽل ضرور کٽرايو، پر هن عالمي ڪپ مان نڪرڻ کانپوءِ هو به پنهنجي عهدي تان هٽي ويو.
هن چيو: “مان پرتگال ۾ عالمي ڪپ کٽڻ جي مقصد سان آيو هوس، ۽ جڏهن اهو مقصد حاصل نه ڪري سگهيس ته هاڻي جاري رکڻ جو ڪو مطلب ناهي. منهنجو معاهدو اڄ ختم ٿي ويو آهي.”
ڪرس سٽن آخر ۾ چيو: “هن جو ڪم اهو هو ته پرتگال لاءِ بهترين ممڪنه ٽيم ميدان ۾ لاهي ۽ عالمي ڪپ کٽڻ جي ڪوشش ڪري.
ڇا هن ائين ڪيو؟ بلڪل نه. هن جنهن طريقي سان هن ٽيم کي سنڀاليو، اهو انتهائي افسوسناڪ هو.
هن بيلجيم جي سونهري نسل (Golden Generation) سان به وڏو موقعو ضايع ڪيو، جڏهن ته اها ٽيم تاريخ رقم ڪري سگهي پئي.
هاڻي پرتگال سان به ساڳي صورتحال ڏسڻ انتهائي مايوس ڪندڙ هئي.”
تبصرے بند ہیں۔