اسلام آباد: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار آهي، جڏهن ته محسوس ٿيندڙ گرمي پد(فيل لائل ٽيمپريچر) ۾ مسلسل اضافو رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.
موسميات کاتي موجب سبي ۾ سڀني کان وڌيڪ 68 ڊگري سينٽي گريڊ محسوس ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته سکر ۾ 55 ۽ سرگودها ۾ 51 ڊگري سينٽي گريڊ محسوس ڪيو ويو.
انگن اکرن موجب لاهور ۾ گرمي پد 51 ڊگري، بهاوالپور ۾ 49 ڊگري، حيدرآباد ۾ 48 ڊگري،م فيصل آباد ۽ ملتان ۾ 48-48 ڊگري جڏهن ته ڪراچي ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
اهڙي طرح ڊيره اسماعيل خان ۾ محسوس ٿيندڙ گرمي پد 47 ڊگري، بهکر ۾ 46 ڊگري ۽ سيالڪوٽ ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.
تبصرے بند ہیں۔