عامر خان جي شاديءَ بابت سلمان خان جو پراڻو دلچسپ بيان وائرل

ممبئي : بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جو هڪ پراڻو مزاحيه تبصرو عامر خان جي ٽين شاديءَ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.”دي ڪپل شرما شو“ ۾ ڳاله ٻولهه دوران ميزبان ڪپل شرما سلمان خان کي چيو هو ته عامر خان پنهنجي گرل فرينڊ سان سڀني کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جڏهن ته توهان کانئس صرف 6 مهينا ننڍا آهيو، پر هو بيهي نه رهيو آهي ۽ توهان اڃا تائين شادي ناهي ڪئي.ان تي سلمان خان مزاحيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو هو ته ”ڏسو، عامر جي ڳالهه ئي ڪجهه ٻي آهي، هو هڪ بهترين شخصيت آهي ۽ پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته هو پرفيڪشنسٽ آهي، جيستائين هو شاديءَ کي بلڪل پرفيڪٽ (مڪمل) نٿو ڪري وٺي، هو شاديون ڪندو رهندو.عامر خان جي هاڻوڪي شاديءَ کانپوءِ سلمان خان جو اهو پراڻو جملو ٻيهر سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي ۽ چاهيندڙ ان کي وڏي دلچسپيءَ سان شيئر ڪري رهيا آهن.واضح رهي ته عامر خان آچر واري ڏينهن ممبئي جي علائقي بانڊرا ۾ واقع پنهنجي رهائشگاهه تي هڪ سادي ۽ نجي تقريب ۾ گوري سپراٽ سان شادي ڪئي آهي، جنهن جون تصويرون ۽ ڪجهه وڊيوز پڻ سامهون آيون آهن.

تبصرے بند ہیں۔