چين پاران آبدوز مان اسٽريٽجڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو

بيجنگ: چين آبدوز مان اسٽريٽجڪ ميزائل اڇلائڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. چيني سرڪاري خبرن جي ايجنسي موجب، ڊمي وارهيڊ (نقلي هٿيار) سان لیس تجربيڪار ميزائل بحرالڪاهل (پيسفڪ سمنڊ) ۾ مقرر ڪيل جاءِ تي ڪريو، ميزائل تجربو معمول جي فوجي تربيتي پروگرام جو حصو هو.خبرن جي ايجنسي جو چوڻ آهي ته هي تجربو بين الاقوامي قانونن موجب ڪيو ويو، ۽ تجربي بابت لاڳاپيل ملڪن کي اڳواٽ ئي اطلاع ڏنو ويو هو. چيني سرڪاري خبرن جي ايجنسي وڌيڪ ٻڌايو ته هن تجربي ۾ ڪنهن خاص ملڪ يا هدف کي نشانو ناهي بڻايو ويو. ان حوالي سان جپان جو چوڻ آهي ته اسان کي ٽيسٽ (تجربي) بابت آگاهه ڪيو ويو هو، تنهن هوندي به اسان چين کي ان معاملي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ چيو هو. ٻئي طرف آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وونگ جو چوڻ آهي ته چين ٽيسٽ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پر بيلسٽڪ ميزائل جو هي تجربو خطي لاءِ عدم استحڪام جو سبب آهي.

تبصرے بند ہیں۔