حڪومت سرمائيڪارن کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ لاءِ پرعزم

ڪراچي: ماليگي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت سرمائيڪارن کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن.وفاقي ماليگي وزير محمد اورنگزيب ”انوئيسٽ پاڪ پورٽل“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. انوئيسٽ پاڪ پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ماليگي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته انوئيسٽ پاڪ پورٽل جي افتتاح تي گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، انوئيسٽ پاڪ پورٽل سرمائيڪاري جي نئين دور جي شروعات آهي. هن چيو ته انوئيسٽ پاڪ پورٽل جو مقصد ملڪ ۾ پرڏيهي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي، انوئيسٽ پاڪ پورٽل سان سرمائيڪارن لاءِ آسانين پيدا ٿينديون، پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. سندس چوڻ هو ته جاز ڪيش ائپ ذريعي 5 هزار روپين کان سرمائيڪاري ڪري سگهجي ٿي، انفرادي طور تي ڪئي ويندڙ اها سرمائيڪاري فائديمند ثابت ٿيندي، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به سرمائيڪاري ڪندڙن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، نوجوانن ۽ خاص طور تي ”جين زي“ (Gen Z) کي سرمائيڪاري ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ماليگي وزير چيو ته انوئيسٽ پاڪ پورٽل عالمي معيار جي سهولت فراهم ڪندو، انوئيسٽ پاڪ پورٽل جهڙا ڊيجيٽل پليٽ فارم اهم سنگِ ميل آهن، هي پورٽل سرمائيڪاري جي عمل کي تيز رفتار بڻائيندو، معيشت جي ترقيءَ لاءِ نجي شعبي (پرائيويٽ سيڪٽر) جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

تبصرے بند ہیں۔