اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ترڪ ڪاروباري گروپن سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن جنهن ۾ پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي موقعن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف سان استنبول ۾ ترڪيه جي اهم ڪاروباري گروپن ۽ صنعتي تنظيمن جي اعليٰ عهديدارن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط بنائن ۽ معيشت جي اهم شعبن ۾ ترڪي جي وڌيڪ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ارادن جو اظهار ڪيو ويو.
وزيراعظم جي چالڪ هولڊنگ جي چيئرمين احمد چالڪ، البيرڪ گروپ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين احمدالبيرڪ ۽ يونين آف دي چيمبر اينڊ ڪمبوڊيني ايڪسچينجز آف ترڪيه جي صدر رفعت حصار سيڪيعلو سان ملاقاتون ٿيون. اهڙين ملاقاتن جي دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي هڪ مضبوط ۽ اقتصادي ۽ سرمائيڪاري ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان جي اهم شعبن خاص طور تي توانائي، معدنيات، انفرااسٽرڪچر، ميري ٽائم(بحري معاملا) ولاجسٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، مينوفيڪچرنگ، زراعت ۽ نجڪاري ۾ پنهنجي سرمائيڪاري جو دائرو وڌائڻ جي دعوت ڏني.
هن چيو ته خصوصي سرمائيڪاري سهولت ڪونسل لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي اختيارين سان ويجهن تعاون سان ڪم ڪندي اسٽريٽجڪ سرمائيڪارن کي ون ونڊو سهولت ۽ اداره جاتي مدد فراهم ڪري رهي آهي. چالڪ هولڊنگ سان ملاقات ۾ وزيراعظم توانائي، انفراسٽرڪچر، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ نجڪاري جي شعبن ۾ پاڪستان ۾ موجود اهم موقعن تي زور ڏنو.
ترڪ ڪاروباري اڳواڻن پاڪستان جي حڪومت جي اقتصادي اصلاحات، سرمائيڪاري جي ماحول ۾ بهترين ۽ سرمائيڪار دوست پاليسين جي تعريف ڪئي. هنن پاڪستان جي معاشي نقطه نظر تي ڀروسي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي ڀائيواري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ڪيترن ئي اسٽريٽجڪ شعبن ۾ سرمائيڪاري کي وڌائڻ ۽ ڊگهي ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔