لاهور، ڪوئيٽا، پشاور: طوفاني برساتن سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا فوت ۽ درجنن زخمي ٿي پيا. سوات ۾ سيف الله ڍنڍ ۾ ٻيڙي ٻڏي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 سياح فوت ٿي ويا، لاشون ڪڍيون ويون آهن جڏهن ته هڪ گم ٿيل عورت جي ڳولا جاري آهي. فوت ٿيل سمورن ماڻهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان هو. اٽڪ ۾ ديوار ۽ ڇت ڪرڻ جي واقعن ۾ 2 ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. لنڊي ڪوتل ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 2 ٻار فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، دير بالا ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سان مدرسي جون 20 شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون. ژوب ۾ برسات دوران ڇتون ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ هڪ ٻار فوت ٿي ويا، گنجيال قائد آباد ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب هڪ شهري پنهنجي جان وڃائي ويٺو. ايبٽ آباد ۾ برساتي نالي ۾ گاڏي لڙهي وڃڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مردان ۾ طوفاني برسات سبب سائن بورڊ ۽ ديوار ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ گجگوڙ سان تيز برسات سبب گرميءَ جو زور ٽٽي پيو، لاهور جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي ۽ ٿڌيون هوائون هلنديون رهيون، ڪيترن ئي علائقن ۾ فيڊرز ٽرپ ٿيڻ سبب بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي. اٽڪ، پنڊي ڀٽيان، منڊي بهاؤالدین، سرگوڌا، بهيرا، حافظ آباد، قصور ۽ مريدڪي ۾ به بادل خوب برسا، گجرات ۾ تيز برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو. هري پور ۾ تيز برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو ۽ برسات جو پاڻي رستن تي جمع ٿي ويو، ايبٽ آباد ۾ گجگوڙ سان گڏ طوفاني برسات کانپوءِ رستا تلاءُ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا ۽ برسات جو پاڻي دڪانن ۾ داخل ٿي ويو. خضدار، ژوب ۽ ڪوهلو ۾ به برسات پئي، صوابي ۾ برسات سان گڏ ڳڙو (ٻور) پڻ پيو، ڪراچيءَ ۾ به بادل ڇانئجي ويا ۽ نيو ڪراچي، گلشن معمار توڙي گڏاپ ۾ ڦڙا ڦڙي ٿي. اين ڊي ايم اي (NDMA) پاران ممڪنه خطرن بابت الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، گلگت بلتستان، ڪي پي ڪي (خيبر پختونخوا) ۽ آزاد ڪشمير ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ سبب ٻوڏ جو خطرو آهي، جڏهن ته جبلن جي ندي نالن ۽ برساتي نالن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري ۾ اوچتو واڌ جو امڪان آهي.
تبصرے بند ہیں۔