آن لائن، هڪ لک 78 هزار حج درخواستون وصول

اسلام آباد:  وزارتِ مذهبي معاملن جي آن لائن حج پورٽل ذريعي 10 ڏينهن ۾ هڪ لک 78 هزار حج درخواستن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. وزارت جي ترجمان موجب، موجوده حڪومت جي ويزن تحت حج انتظامن کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جا قدم تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن. آن لائن حج پورٽل ۽ موبائل ائپ ”پاڪ حج“ ذريعي عازمينِ حج کي گهر ويٺي آسان، شفاف ۽ تيز رفتار رجسٽريشن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته انگن اکرن موجب، رجسٽريشن جي شروعاتي 10 ڏينهن ۾ هڪ لک 78 هزار کان وڌيڪ عازمينِ حج ڪنهن به دفتري ڪارروائيءَ کان سواءِ پنهنجي حج رجسٽريشن مڪمل ڪئي، جنهن کي عوامي سطح تي ڊيجيٽل گورننس جي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي. عوامي حلقن نئين ڊيجيٽل نظام جي واکاڻ ڪندي ان کي سرڪاري خدمتن جي فراهميءَ ۾ شفافيت، سهولت ۽ جديد طرزِ حڪمرانيءَ ڏانهن هڪ اثرائتي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته پاڪستان جي وزيراعظم جي هدايتن موجب، حج واجبات (رقم) جي وصولي پڻ مڪمل طور تي ڊيجيٽل ٿيڻ ڏانهن گامزن آهي. رجسٽريشن کانپوءِ ايندڙ مرحلي ۾ حج واجبات جي ادائيگي کي به مڪمل طور تي ڊيجيٽل نظام سان منسلڪ ڪرڻ جو منصوبو آخري مرحلن ۾ آهي. منصوبي تحت عازمينِ حج آن لائن حج پورٽل يا موبائل ائپ ”پاڪ حج“ ذريعي گهر ويٺي پنهنجا حج واجبات ادا ڪري سگهندا. ان مقصد لاءِ ”ون لنڪ“ (One Link) ذريعي حج واجبات جي وصوليءَ جو جديد نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن تحت عازمينِ حج کي بئنڪن يا آفيسن جا چڪر ڪٽڻا نه پوندا، پر رجسٽريشن کان وٺي ادائيگيءَ تائين سمورا مرحلا ڪجهه ڪلڪس جي ذريعي مڪمل ڪري سگهبا. هي نئون ڊيجيٽل ماڊل پرڏيهه ۾ رهندڙ (سمندر پار) پاڪستانين لاءِ پڻ هڪ وڏي سهولت بڻجي سامهون اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي دنيا جي ڪنهن به حصي مان پنهنجي حج رجسٽريشن، درخواست جي اسٽيٽس ۽ حج واجبات جي ادائيگيءَ جو عمل آسانيءَ سان مڪمل ڪري سگهندا.

تبصرے بند ہیں۔