ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره عاليا ڀٽ پنهنجي گھرواري زندگيءَ بابت دلچسپ انداز ۾ ٻڌايو آهي ته سندن گھر جي اصل ‘الفا’ نه هوءَ آهي ۽ نه ئي سندس مڙس رنبيل ڪپور، پر سندن ننڍڙي ڌيئر رها ڪپور آهي.پنهنجي ايندڙ فلم ‘الفا’ جي تشهير دوران هڪ انٽرويو ۾ عاليا ڀٽ کان پڇيو ويو ته ڇا حقيقي زندگيءَ ۾ به هوءَ ‘الفا’ ۽ رنبيل ڪپور ‘اينيميل’ (Animal) آهن؟ ان تي هن مرڪندي جواب ڏنو، “رها!عاليا کلتو چيو ته اسان جي ڌيئر ئي گھر جي اصل ‘الفا’ ۽ ‘اينيميل’ آهي. هن مزاحيه انداز ۾ ٻڌايو ته رها گھر ۾ سڀ فيصلا ڪندي آهي ۽ اسان کي اڪثر مشورا به ڏيندي رهندي آهي.اداڪاره هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندي چيو ته هڪ ڏينهن مون گھر ۾ جينز پائي ورتي، ته رها فوراً پڇيو، “توهان ڪاڏي پيون وڃو؟” جڏهن مون جواب ڏنو ته مان صرف نائيٽ سوٽ بدران جينز پائي گھر ۾ ويهڻ چاهيان ٿي، ته رها چيو ته “نه، توهان ائين نه ويهنديون.عاليا وڌيڪ چيو ته مونکي پنهنجي ڌيئر کان گھڻيون تعريفون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن، جنهن سان مونکي بيحد خوشي ٿيندي آهي.ان کان اڳ هڪ تقريب ۾ عاليا ڀٽ ٻڌايو هو ته رها کي اداڪاري، موسيقي ۽ رقص ۾ خاص دلچسپي آهي. سندس موجب هوءَ راندين ۾ به سرگرم آهي، گانا شوق سان ٻڌندي آهي، جلدي ڊانس اسٽيپس سکي ويندي آهي ۽ پنهنجي عمر جي لحاظ کان هڪ قائدانه شخصيت ۽ سوچ رکندڙ ٻارڙي آهي.واضح رهي ته عاليا ڀٽ ۽ رنبيل ڪپور جي ملاقات هڪ فلم جي سيٽ تي ٿي هئي، جنهن کانپوءِ 2018ع ۾ ٻنهي هڪٻئي کي ڊيٽ ڪرڻ شروع ڪيو. ٻنهي 14 اپريل 2022ع تي سادگي سان شادي ڪئي، جڏهن ته 6 نومبر 2022ع تي سندن ڌيئر رها ڪپور جي پيدائش ٿي.
تبصرے بند ہیں۔