نيويارڪ : انسٽنٽ ميسجنگ ايپليڪيشن واٽس ائپ واهپيدارن جي پرائيويسي (شخصي رازداري) لاءِ نئون يوزر نيم فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. کمپنيءَ پاران جاري ڪيل بيان موجب، هاڻي واهپيدارن کي واٽس ائپ ذريعي پنهنجي فيملي، دوستن يا ڪنهن به شخص سان رابطو ڪرڻ لاءِ پنهنجو فون نمبر ٻڌائڻ جي ضرورت نه پوندي.بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ائپ جي نئين ’يوزر نيم‘ فيچر جي مدد سان هاڻي واهپيدار پنهنجو فون نمبر محفوظ رکڻ لاءِ منفرد ’يوزر نيم‘ چونڊي سگهندا. ميٽا پاران وضاحت ڪئي وئي آهي ته فون نمبرن تائين پهچ کي محدود ڪرڻ جو مطلب اهو هوندو ته واٽس ائپ جي ڪنهن گروپ ۾ شامل ٿيڻ (جوائن ڪرڻ) يا ڪنهن شخص يا اداري کي پهريون ڀيرو ميسج ڪرڻ جهڙن معاملن ۾ ڪنهن به واهپيدار جو نمبر ٻين واهپيدارن سان پاڻمرادو (خودبخود) شيئر نه ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ’يوزر نيم‘ فيچر جي مدد سان توهان هڪ ڀيرو ’يوزر نيم‘ جي چونڊ ڪري وٺندا ته پوءِ جيڪو به واٽس ائپ تي رابطو ڪرڻ چاهيندو، ان کي توهان جو صحيح ’يوزر نيم‘ معلوم هجڻ ضروري آهي. ميٽا واهپيدارن کي آگاهه ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ واٽس ائپ جا تقريبن 3 ارب واهپيدار موجود آهن، ان ڪري ممڪن آهي ته واهپيدارن کي پنهنجي پسند جو ’يوزر نيم‘ نه ملي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مشهور شخصيتن ۽ اعليٰ سرڪاري عهديدارن جا نالا عام واهپيدارن لاءِ دستياب نه هوندا، ته جيئن جعل سازي ۽ ڌوڪي بازيءَ کان بچي سگهجي.
تبصرے بند ہیں۔