پنجاب مان 35 هزار 719 غير ملڪي رهواسي ملڪ بدر

لاهور:  سڄي پنجاب ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ غير ملڪي شهرين جي نيڪاليءَ جو عمل جاري آهي.پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، لاهور سميت سڄي صوبي مان هيل تائين 35 هزار 719 غير ملڪي رهواسين کي ڊي پورٽ (ملڪ بدر) ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن وقت به 72 غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻهو مختلف هولڊنگ پوائنٽس تي موجود آهن، جن کي ڊي پورٽ ڪرڻ جو عمل هلي رهيو آهي.انگ اکرن موجب، ڊي پورٽ ڪيلن ۾ 14 هزار کان وڌيڪ مرد، 7 هزار 138 عورتون ۽ 14 هزار 529 ٻار شامل آهن. انهن ۾ 11 هزار 47 رهائشي ثبوت (Proof of Registration) رکندڙ، 11 هزار 135 افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز ۽ 13 هزار 537 غير قانوني طور تي رهندڙ غير ملڪي شامل آهن.آءِ جي پنجاب عبدالڪريم سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته غير قانوني طور تي رهندڙ سمورن ماڻهن جي نيڪاليءَ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔