بلوچستان: سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي : بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز شعبي آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقن خاران ۽ مستونگ ۾ ڪارروايون ڪري 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، 25 ۽ 26 جون تي فتنه الهندستان جي خلاف انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو ويو هو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز خاران ۾ دهشتگردن جي هڪ گروهه جي چرپر جو پتو لڳايو، جنهن کانپوءِ وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جا 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. ٻئي طرف 26 جون تي مستونگ ۾ ممڪنه خودڪش حملي آور جي موجودگي جي اطلاع تي وقت کان اڳ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب هتي سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن ۾ هڪ خودڪش حملي آور به شامل هو. دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود، آءِ اي ڊيز (IEDs) ۽ موٽرسائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر پاران چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون پوري طاقت سان جاري رهنديون.

تبصرے بند ہیں۔