دنيا ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جون خدمتون متاثر، صارف پريشان

لاهور : پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جون خدمتون (سروسز) متاثر ٿي ويون آهن، جنهن جي ڪري واپرائيندڙن (صارفين) کي مشڪلاتن جو سامهون ڪرڻو پئجي رهيو آهي.واپرائيندڙن موجب، کين ميٽا جي ماتحت پليٽ فارم فيس بڪ تي پيغام (ميسجز) موڪلڻ ۽ پوسٽنگ ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. فيس بڪ کان علاوه انسٽاگرام جون خدمتون پڻ متاثر ٿيڻ جون رپورٽون آهن ۽ واپرائيندڙن کي لاگ ان ٿيڻ ۾ مسئلو درپيش آهي. سوشل ميڊيا واپرائيندڙن ’ايڪس‘ (X) تي فيس بڪ جون خدمتون متاثر ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون آهن، پر ميٽا پاران هيل تائين ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.

تبصرے بند ہیں۔