فنانس بل منظور، اپوزيشن جو ترميمون رد

اسلام آباد: حڪومت جي ڪوشش آهي ته وفاقي بجيٽ اڄ اڱاري تي منظور ڪرائي وڃي. جيتوڻيڪ اپوزيشن پوڻا 600 کان مٿي ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪيون آهن. قومي اسيمبلي سومر ڏينهن وفاقي وزارتن ۽ لاڳاپيل ادارن لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ واري منظوري جي عمل کي مڪمل ڪندي مالي سال 2026-27 لاءِ 135 گرانٽس جي مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي.
هي منظوري وارو عمل ٻن ڏينهن تي پکڙيل رهڻ جو امڪان آهي. جنهن دوران مخالف ڌر مجموعي طور 587 ڪٽ موشن پيش ڪيا، جن مان 380 سومر ڏينهن پيش ڪيا ويا. اهي سڀئي اڪثريتي ووٽن سان رد ڪيا ويا. هاڻي ايوان کان اميد آهي ته بجيٽ جي منظوري کان اڳ فنانس بل ۽ ان سان لاڳاپيل مالي قدمن تي غور ڪيو ويندو.
جڏهن ايوان بجيٽ مختصين تي بحث ڪري رهيو هو ته قومي اسيمبلي ٽي وي ۽ ان جي سوشل ميڊيا چينلن تي مخالف ڌر جون تقريرون نشر ٿينديون رهيون، پر انهن کي سينسر ڪيو ويو. عمران خان ۽ رياستي ادارن تي تنقيد سان لاڳاپيل جملن کي خاموش (ميوٽ) ڪيو ويو.
گهرو وزارت تي سخت تنقيد
گهرو وزارت بابت ڪل 123 ڪٽ موشن پيش ڪيا ويا. جن ۾ بلٽ پروف گا_ين کان وـي سائبر ڪرائيم سميت مختلف ادارن بابت اعتراض ڪندي انهن جي بجيٽ گهٽ ڪرڻ بابت ڪٽ موشن شامل هئا. مخالف ڌر جي ميمبرن وزارت جي ماتحت ادارن، جن ۾ ايف آءِ اي، اي اين ايف، )سائبر ڪرائيم ۽ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪئي.
مخالف ڌر جي ميمبرن چيو ته هنن گهرو وزارت بابت سڀ کان وڌيڪ ڪٽ موشن ان ڪري پيش ڪيا آهن ته جيئن عوام کي درپيش مسئلن کي اجاگر ڪري سگهجي.
پي ٽي آءِ جي ايم اين اي شاندانه گلزار چيو ته پاڪستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب سيڙپڪاري نٿي اچي، جڏهن ته آن لائين نفرت انگيز تقريرون سماج کي نسلي ۽ مذهبي بنيادن تي ورهائي رهيون آهن.
هن چيو، “صرف هڪ وزارت جي ناڪامي نه رڳو ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو آهي، پر سماج کي به ورهائي ڇڏيو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته شهري دهشتگرد، ڏوهارين ۽ ڪڏهن ڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هٿان به ماريا پيا وڃن.
هن سياسي تنقيد تي سائبر ڪرائيم ڪيس داخل ڪرڻ تي به تنقيد ڪندي چيو ته اين سي سي آءِ اي سياستدانن تي تنقيد ڪرڻ وارن خلاف ڪيس داخل ڪري رهي آهي. هن چيو، “اسپيڪر صاحب، اسان مڃون ٿا ته رياست تي تنقيد درست ناهي، پر مريم نواز رياست ناهي؛ هوءَ هڪ صوبي جي سياسي سربراهه آهي.” حميد حسين جيڪو مجلس وحدت المسلمين جو پارا چنار مان ميمبر آهي، تنهن چيو ته سندس علائقي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. هن چيو ته پاراچنار ڏانهن ويندڙ روڊ صرف روزانو ٻن ڪلاڪن لاءِ کوليو ويندو آهي.
مخالف ڌر خوراڪ واري وزارت بابت 112 ڪٽ موشن پيش ڪيا.بحث ۾ حصو وٺندڙ ميمبرن ڀاڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي، فصلن جي انشورنس اسڪيمون متعارف ڪرائڻ ۽ زرعي شعبي ۾ ٻين پيداواري خرچن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو. هنن تصديق ٿيل ٻجن، زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جي فراهمي جو به مطالبو ڪيو.
پي ٽي آءِ جي چيف وِپ عامر ڊوگر چيو ته موجوده مارڪيٽ نظام استحصالي نوعيت جو آهي. مڊل مين ڪمائي ٿو، جنسن جي اگهن توڙي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن تي ڳاٽي ٽوڙ وياج ورتو وڃي ٿو، حڪومتي نظام تماشائي بڻيل آهي.
هن چيو، “هن ڪهاڻي جو عجيب پهلو اهو آهي ته هاري پنهنجي پيداوار جي گهٽ قيمتن جي شڪايت ڪن ٿا، جڏهن ته خريد ڪندڙ، خاص طور شهري صارف، زرعي شين جي وڌندڙ قيمتن بابت شڪايتون ڪن ٿا.”
اجلاس دوران ڪجهه مقررن آمريڪا جي اڳواڻي هيٺ ايران خلاف هلندڙ جنگ جي خاتمي ۾ سول ۽ فوجي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو ۽ مطالبو ڪيو ته ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار ايران پاڪستان گيس پائيپ لائين منصوبي کي ٻيهر فعال ڪيو وڃي ته جيئن موجوده صورتحال مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ اڱاري ڏينهن اپوزيشن جي ڪٽ موشنز اڪلائڻ بعد فنانس بل جي شق وار منظوري جو عمل شروع ٿيندو ۽اسانجي ڪوشش آهي ته بجيٽ اڄ ئي منظور ڪرائي وڃي ڇو ته مٿان محرم الحرام جون موڪلون به آهن.

تبصرے بند ہیں۔