فيس بڪ پاران پنهنجي مونيٽائيزيشن نظام ۾ اهم تبديلي

نيويارڪ:  فيس بڪ پنهنجي مونيٽائيزيشن نظام ۾ اهم تبديلي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري گهٽ فالوورز رکندڙ نوان ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز (مواد تخليق ڪندڙ) به ڊالرن ۾ ڪمائي ڪري سگهندا.نئين پاليسي تحت فيس بڪ ڪجهه اڪائونٽس ۽ پيجز لاءِ مونيٽائيزيشن جي معيار ۾ نرمي ڪئي آهي، جنهن جو مقصد وڌ کان وڌ تخليق ڪارن کي پنهنجي مواد مان مالي فائدا حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. ماضي ۾ مونيٽائيزيشن پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ فالوورز جو وڏو تعداد، ڊگهو واچ ٽائيم ۽ ٻيا سخت هدف پورا ڪرڻ ضروري هئا، جنهن جي ڪري ڪيترائي نوان واپرائيندڙ (صارفين) ان سهولت مان فائدو نه کڻي سگهندا هئا. تازي پاليسي موجب، جيڪڏهن ڪو پيج يا پروفائل 28 ڏينهن اندر 3 لک ويوز حاصل ڪري وٺي ٿو ته کيس فيس بڪ جي ”ڪانٽينٽ مونيٽائيزيشن ٽول“ تائين پهچ ملي سگهي ٿي، جنهن ذريعي تخليق ڪار پنهنجي مواد مان آمدني ڪمائي سگهن ٿا.ڊيجيٽل ميڊيا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي نئون معيار پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حاصل ڪرڻ جوڳو آهي، خاص طور تي انهن واپرائيندڙن لاءِ جيڪي مستقل بنيادن تي وڊيوز، ريلز ۽ ٻيو دلچسپ مواد شايع ڪندا آهن.تنهن هوندي به ماهرن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته صرف ويوز حاصل ڪرڻ ڪافي نه هوندو پر مونيٽائيزيشن لاءِ فيس بڪ جي ڪميونٽي گائيڊ لائنز، ڪاپي رائيٽ قانونن ۽ ٻين پاليسين جي مڪمل پابندي پڻ ضروري هوندي. قاعدن جي خلاف ورزي جي صورت ۾ مونيٽائيزيشن جي سهولت محدود يا معطل ڪري سگهجي ٿي.نئين پاليسي کي سوشل ميڊيا ڪريئيٽرز لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن سان ننڍن ۽ اڀرندڙ ڪانٽينٽ تخليق ڪارن لاءِ عالمي سطح تي آمدني جا نوان دروازا کلڻ جي اميد آهي.واضح رهي ته ڪانٽينٽ مونيٽائيزيشن لاءِ چيلينج جوائن ڪرڻ جي هيءَ اپڊيٽ فيس بڪ جي سڀني پيجز يا اڪائونٽس تي ناهي آئي.

تبصرے بند ہیں۔