لاهور: موسميات کاتي پاران ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب پنجاب جي مختلف ضلعن راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، گجرات، گوجرانوالا ۽ لاهور ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته شيخوپورا، سيلڪوٽ، نارووال، ساهيوال، خوشاب، سرگوڌا، بڪر ۽ لِيا ۾ به برسات ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه ميانوالي، قصور، اوڪاڙا، جھنگ، فيصل آباد، خانيوال، ملتان ۽ وهاڙي ۾ به برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، پر دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بٽگرام، بونير، ڪوهاٽ ۽ ڊي آئي خان ۾ برسات متوقع آهي. ان سان گڏ خيبر، وزيرستان، مانسهرا، ايبٽ آباد، هري پور، پشاور ۽ صوابي ۾ به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ درجه حرارت 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي. بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ پڻ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، تنهن هوندي به بارکان، سبي، ڪوهلو ۽ ژوب ۾ برسات ٿي سگهي ٿي.
تبصرے بند ہیں۔