ڊکڻ سانحو: بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل 8 عزادارن جي جنازي نماز ادا، هزارين سوڳوارن جي شرڪت

شڪارپور:  ڊکڻ ڀرسان بڊو ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ بڊو ۾ پيش آيل المناڪ سانحي ۾ 11 هزار وولٽ بجليءَ جي تار سان علم پاڪ ٽڪرائجڻ سبب فوت ٿيل 8 عزادارن جي جنازي نماز انتهائي ڏکوئيندڙ ماحول ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين سوڳوارن، عزادارن، سياسي، سماجي، مذهبي شخصيتن ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز ۾ ضلعي چيئرمين شڪارپور ذوالفقار علي خان ڪماريو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ، اڳوڻو صوبائي وزير ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ، لاڙڪاڻي ڊويزن جو انفارميشن سيڪريٽري فراز امتياز شيخ، شيعه اڳواڻ علي احمد ٻرڙو، اصغر سيٺار سميت ٻين ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ۽ فراز امتياز شيخ شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪري سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ هجڻ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هي سانحو انتهائي المناڪ ۽ ناقابلِ تلافي نقصان آهي، شهيدن جي وارثن کي هن ڏکئي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هنن حڪومت کان زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

جنازي نماز کان پوءِ شهيدن کي هزارين آبديدا اکين ۽ سُڏڪن جي وچ ۾ مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي سڄي علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل رهي، جڏهن ته عزادارن ۽ مختلف شيعه تنظيمن پاران شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.

واضح رهي ته گذريل رات مقامي ڪربلا ۾ علم پاڪ نصب ڪرڻ دوران اوچتو 11 هزار وولٽ جي هاءِ ٽينشن بجليءَ جي تار سان ٽڪرائجڻ سبب 8 عزادار شهيد ۽ 11 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا، جن مان ڪيترن کي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ رکيو ويو آهي. واقعي کان پوءِ سڄي علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته شهيدن جي گهرن تي تعزيت ڪندڙن جو سلسلو جاري آهي.

تبصرے بند ہیں۔