پيرس: سوئٽزرلينڊ ۾ ايران آمريڪا ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو آهي، حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ ميپ منظور ڪيو ويو. جڏهن ته ايران آمريڪا ڳالهين کان پوءِ قطر ۽ پاڪستان گڏيل پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي وزارت موجب اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي فريم ورڪ جي تحت ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو. پاڪستان ۽ قطري پرڏيهي وزارت طرفان جاري گڏيل پڌرائي موجب ڌرين ڳالهين جي نگراني لاءِ اعلي2 سطحي ڪميٽي جي قيام تي اتفاق ڪري ورتو. حتمي معاهدي جي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ ميپ منظور ڪيو يوو آهي.
گڏيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايران آمريڪا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهيون فوري طور تي شروع ٿينديون، آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن جي آمد، رفت جي لاءِ رابطه لائن قائم ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب لبنان جنگبندي تي عملدرآمد جي لاءِ ڊي ڪنفليڪشن سيل قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ايٽمي پروگرام، پابندين بابت ورڪينگ گروپس جوڙيا ويندا.
پرڏيهي وزارت موجب ڊي ڪنفليڪشن سيل ۾ لبنان ۽ ٽياڪڙي ڪندڙ مشلڪ شامل هوندا. ٽياڪڙ ملڪ ڳالهيون تعميري ماحول ۾ اڳيان وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندا، ٽيڪنيڪي ڳالهيون هفتي جي ٻين ڏينهن ۾ برگن اسٽاڪ ريزورٽ ۾ جاري رهنديون.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن جي محفوظ اچ وڃ يقيني بنائڻ ۽ ڪنهن به غلط فهمي يا اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ سڌو سنئين رابطي جو خصوصي نظام به قائم ڪيو ويو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل پڌرائي کي ڪوٽ ڪندي سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڻٿڪ پاڪستاني ۽ قطري ٽياڪڙي لبنان جنگ جي خاتمي لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته تيل ۽ پيٽروليم جي برآمدات تي پابنديون ختم ڪيون ويون آهن ايران جي ناڪه بندي ختم ڪئي وئي جڏهن ته ڪجهه منجمد اثاثا جاري ڪيا ويا جڏهن ته ايران جي لاءِ نئين سري سان تعمير ۽ ترقي جو وڏو منصوبو شروع ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔