لاهور : پاڪستاني فلم انڊسٽري جي اڳوڻي اداڪاره ۽ رقاصه نرگس هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي وئي آهي.تازو ئي سندس هڪ انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته مان پنهنجي شوبز جي ڪمائي مان باقاعدگي سان زڪوات ادا ڪندي رهي آهيان ۽ زڪوات مال کي پاڪ ڪري ڇڏيندي آهي.نرگس ماضي ۾ لالي ووڊ ۽ ٿيٽر جي مشهور فنڪاره رهي چڪي آهي، هوءَ شادي کانپوءِ شوبز کان ڪناري ڪش ٿي وئي هئي ۽ هاڻي لاهور ۾ پنهنجو ڪاروبار هلائي رهي آهي، هلندڙ سال کيس حج جي سعادت پڻ حاصل ٿي.”ڊيلي پاڪستان“ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نرگس پنهنجي ماضي ۽ موجوده زندگي بابت گفتگو ڪندي چيو ته 1992ع کان جڏهن مون ڪمائڻ شروع ڪيو، مان ڪڏهن به پنهنجي آمدنيءَ مان 2.5 سيڪڙو (اڍائي پرسنٽ) زڪوات ڪڍڻ کان سواءِ پئسا گهر کڻي نه ويس، مان قسم کڻي چوان ٿي ته زڪوات توهان جي مال کي پاڪ ڪري ڇڏيندي آهي.هن چيو ته ماضي ۾ مان پنهنجي پيشيوراڻي زندگي کي عبادت سمجهي ڪندي هئي ۽ منهنجي ڪيريئر ۾ ڪو فحش ناچ (ڊانس) ڳولڻ ڏکيو هوندو.نرگس حج دوران پنهنجي جذباتي تجربن جو ذڪر پڻ ڪيو ۽ چيو ته طواف دوران ماڻهن جي محبت ۽ عزت مون کي بيحد متاثر ڪيو.نرگس جي هن بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مليل جليل ردعمل سامهون آيو آهي، ڪيترن ئي واهپيدارن سندس زندگي ۾ ايندڙ مثبت تبديلي، توبه ۽ مذهب ڏانهن رجوع کي ساراهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن سندس زڪوات بابت موقف تي تنقيد پڻ ڪئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔