ڪراچي: ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ انتظاميه جون ٽريفڪ پوليس سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ٽرانسپورٽرز جي هڙتال سبب سموري شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ معطل ٿي وئي جنهن سبب شهري سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن.
تفصيل موجب بسون مختلف اڏن تي بيهاريون ويون، جڏهن ته نوڪريون ڪندڙ ماڻهو، مزدور، شاگرد ۽ ٻين شهرين کي پنهنجي منزلن تائين پهچڻ جي لاءِ ڊگهو مفاصلو پنڌ طئي ڪرڻو پيو.
حب ريو روڊ، شير شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ شهري پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هجڻ سبب پريشان نظر آيا، ڪيترائي پوليس اهلڪار، نجي سيڪيورٽي گارڊز ۽ ٻيا ملازم به ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنڌ سفر ڪرڻ تي مجبور رهيا.
ٽرانسپورٽ جي بندش سبب آن لائن ٽيڪسي سروسز ۽ چنگچي رڪشائن تي دٻاءُ وڌي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀاڙن ۾ به نمايان اضافو ڏٺو ويو، ٻئي طرف نجي گاڏيون هلائيندڙن جي گهرج ۾ به اضافو ٿي ويو.
ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد موجب هڙتال ڳرن چالانن، اي چالان نظام، سرڪاري سبسڊي جي عدم ادائيگي، ايڪسائيز جي رڪارڊ روم مان فائلن جو غائب ٿيڻ، مبينه ڀته خوري، ڀاڙن ۾ اضافي جي اجازت نه ملڻ، پوليس طرفان گاڏين کي پڪڙڻ ۽ انتظاميه طرفان مطالبا نه ٻڌڻ جي خلاف ڪئي پئي وڃي.
ٽرانسپورٽرز پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو به احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته انهن مطالبن جي منظور ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اشارو به ڏنو آهي.
تبصرے بند ہیں۔