اسلام آباد:وفاقي بجيٽ تي پيپلز پارٽي ۽ حڪومت جي وچ ۾ اختلاف ختم نه ٿي سگهيا، جنهن تي بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ بحث تي جاري بحث ۾ پنهنجي تقرير احتجاج طور ملتوي ڪري ڇڏي.
پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب پارٽي جي سينئر اڳواڻ نويد قمر بجيٽ بابت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تفصيلي بريفنگ ڏني.
انهي بريفنگ ۾ نويد قمر بلاول ڀٽو کي آگاهه ڪيو ته پيپلز پارٽي سان مشاورت جي دوران جيڪا بجيٽ تجويز ۽ انگ اکر شيئر ڪيا ويا هئا انهي ۾ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بجيٽ ۾ نمايان فرق موجود آهي.
ذريعن موجب بجيٽ ۾ سامهون ايندڙ اهڙن اختلافن تي پيپلز پارٽي جي قيادت ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن کان پوءِ پيپلز پارٽي حڪومت کان فوري وضاحت طلب ڪري ورتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهي مقصد جي لاءِ پارٽي جي هڪ اعليٰ سطحي ٽيم جلد حڪومتي نمائندن سان رابطو ڪندي. بجيٽ جي معاملي تي بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير به ملتوي ڪري ڇڏي.
تبصرے بند ہیں۔