ڪراچي: سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي عوام لاءِ وڏي خوشخبري ٻڌائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ سال ڊبل ڊيڪر ۽ جديد اليڪٽرڪ(اي وي) بسن جو وڏو تعداد ڪراچي پهچي ويندو. انهن نئين بسن کي مرحليوار مختلف روٽس تي هلايو ويندو ته جيئن شهرين کي بهتري سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام کي جديد ترين بنائڻ جي وزن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته پيپلز بس سروس جي ڪاميابي کان پوءِ هاڻ اي وي بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسن جي وڏي تعداد کي به شهري ٽرانسپورٽ نظام جو حصو بنايو پيو وڃي.
سينئر وزير موجب سنڌ حڪومت جو اهو منصوبو صرف ٽرانسپورٽ تائين محدود ناهي پر ڪراچي جي مستقبل جو به تعين ڪري رهيو آهي هن چيو ته جديد سفري سهولتن جي فراهمي جي ذريعي شهر جي عوام کي بهتر، محفوظ ۽ معياري ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اليڪٽرڪ بسون ماحول دوست هجڻ سان گڏ گهٽ لاڳت ۽ آرام ڏيندڙ سفر جون سهولتون فراهم ڪنديون وڌيڪ ڊبل ڊيڪر بسن جي شموليت سان نه صرف عوام کي سفري سهوليت ملي سگهندي پر شهر جي خوبصورتي ۽ ٽرانسپورٽ ڪلچر کي به نئين سڃاڻپ ملندي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت جو اهو قدم صرف بسن جي تعداد ۾ اضافو ناهي پر جديد ڪراچي طرف سفر جي هڪ نئين شروعات آهي جنهن جي ذريعي شهرين کي عالمي معيار جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حدف حاصل ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔