مفاهمتي يادداشت حتمي ناهي، جيڪڏهن حتمي معاهدو مون کي پسند نه آيو ته ٻيهر بمباري ڪري سگهون ٿا: ٽرمپ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڪيل معاهدي کان پوءِ آبنائي هرمز مڪمل کلي ويندي.

جي سيون اجلاس جي موقعي تي مصري صدر السيسي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهيون ڪندي آمريڪي صدر چيو ته ڊيل کان پوءِ اسٽاڪ مارڪيٽون بلندين تي آهن، تيل جون قيمتون به گهٽ ٿي ويون آهن.

ٽرمپ موجب ايران سان ڊيل جا مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن جيڪڏهن ڊيل نه ٿي ته پوري دنيا معاشي دٻاءُ جو شڪار هوندي. هن چيو ته ايران سان لاڳاپيل مفاهمتي يادداشت حتمي نه آهي ۽ ڪوبه آمريڪي ايران ۾ سرمائيڪاري نه ڪندو.

آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن مون کي حتمي معاهدو پسند نه آيو ته  اسان ٻيهر بمباري جي طرف واپس وڃي سگهون ٿا. هن چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس ۾ مان ايران معاهدي تي ڳالهيون ڪندس، هن واضح ڪيو ته ايران ايٽمي حاصل حاصل نٿو ڪري سگهي. انهي موقعي تي مصري صدر امن معاهدي تي صدر ٽرمپ کي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ چيو ته اسان حتمي معاهدي جي اوسيئڙي ۾ آهيون.

 

تبصرے بند ہیں۔