لاهور: ايشين گيمز 2026 جي لاءِ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت صاحبزاده فرحان کي ڏني وئي آهي. انهي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جو چوڻ آهي ته ايشين گيمز جي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صاحبزاده فرحان ٽيم جي قيادت ڪندو. ايشين گيمز 2026 ۾ مردن جا ٽي 20 انٽرنيشنل مقابلا 24 سيپٽمبر کان جاپان جي شهر آئيچي ۾ شروع ٿيندا، ايشين گيمز ۾ ڪرڪيٽ جا مقابلا 3 آڪٽوبر تي ٿيندا. پي سي بي جو چوڻ آهي ته 30 ورهين جي صاحبزاده فرحان سان گڏ عبدالصمد نائب ڪپتان جون ذميواريون نڀائيندا. صاحبزاده فرحان پاڪستان طرفان 46 ٽي 20 انٽرنيشنل ميچز ۾ 1305 رنسون ٺاهي چڪا آهن جنهن ۾ 2 سينچريون ۽ 10 نصف سينچريون شامل آهن. عاڪف جاويد، علي رضا، معاذ صداقت ۽ سعد مسعود پهريون ڀيرو پاڪستان جي لاءِ ٽي 20 انٽرنيشنل کيڏڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. ايشين گيمز اسڪواڊ جي 15 مان 14 رانديگر 15 جون کان لاهور ۾ شروع ٿيل وائٽ بال ڪيمپ جو به حصو هوندا. پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ ڪپتان صاحبزاده فرحان، نائب ڪپتان عبدالصمد، ابرار احمد، احمد دانيال، عاڪف جاويد، علي رضا، عرفا منهاس، حيدر علي ۽ حسن نواز شامل آهن.
تبصرے بند ہیں۔