شهري جي نالي تي 421 گاڏيون، لکين روپين جا چالان ڏسي پوليس اهلڪار به حيران

لاهور: شهري جي نالي تي 421 گاڏين جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي، جنهن تي لکين روپين جا چالان ڏسي پوليس اهلڪار به حيران ٿي ويا آهن.

ٽريفڪ پوليس جي جنرل هولڊ اپ جي دوران هڪ حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيو آهي جنهن ۾ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين ۽ گاڏين جي رجسٽريشن جا وڏا رڪارڊ بي نقاب ٿيا آهن.

تفصيل موجب جنرل هولڊ اپ جي دوران هڪ موٽر سائيڪل سوار کي روڪي انهي جي ملڪيت جي جانچ پڙتال ڪئي وئي ته انڪشاف ٿيو ته باز محمد نالي شهري جي نالي تي 421 گاڏيون، رڪشا ۽ موٽرسائيڪلون رجسٽرڊ آهن، انهي انڪشاف موقعي تي موجود اهلڪارن کي به حيران ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب باز محمد جي نالي تي 20 لک 88 هزار 800 روپين کان وڌيڪ اي چالان به واجب الادا آهن. ڪارروائي جي دوران مذڪوره شهري جي موٽر سائيڪل کي مسلم ٽائون ٿاڻي ۾ بند ڪيو ويو.

سي ٽي او لاهور سيد عبدالرحيم شيرازي جي حڪم تي اي چالان نه ڏيندڙن جي خلاف ڪارروائين ۾ وڌيڪ تيزي آندي پئي وڃي. اختيارين موجب لکين روپين جي بقايا اي چالان ٽريفڪ پوليس جي لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي ويا آهن. جڏهن ته لاهور ۾ جعلي يا شڪي رجسٽريشن جي جانچ جو اختيار به وڌايو ويو آهي.

اختيارين چيو آهي ته قانون ٽوڙيندڙن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي جاري آهي. اي چالان نه ڏيندڙن کي هاڻ سخت ڪارروائي جي لاءِ تيار رهڻو پوندو.

 

تبصرے بند ہیں۔