اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين(ڊسڪوز) جي نجڪاري جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ نجڪاري جي عمل ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خساري جو شڪار رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ سمورا مرحلا انتهائي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اهو به چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کان پوءِ هڪ مضبوط ريگوليٽري فريم ورڪ جوڙيو ويندو.
اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نجڪاري جي پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد اليڪٽرڪ، گوجرانواله، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي نجڪاري ڪئي ويندي.
بريفنگ موجب انهن ٽنهي ڊسڪوز جي نجڪاري لاءِ ايڪسپريشن آف انٽرسٽ ملڪي ۽ عالمي اخبارن ۾ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي انهن جي ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر جي منظوري به ڏئي چڪي آهي.اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ روڊ شوز کي منعقد ڪرڻ هن مهيني کان شروع ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ترڪيه، سعودي عربيه ۽ چائنه جي سرمائيڪارن لاءِ عالمي سطح تي به روڊ شوز منعقد ڪيا پيا وڃن.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس لغاري، وزيراعظم جو نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔