نئون بجيٽ: پگهاردار طبقي لاءِ وڏي ٽيڪس رليف تي غور، آءِ ايم ايف جي منظوري جو انتظار

اسلام آباد:  نئين بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي وڏو ٽيڪس رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت کي آءِ ايم ايف جي طرفان تجويزن جي منظوري جو انتظار آهي.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ جي عمل ۾ مصروف آهي پر ڪيترن ئي اهم ٽيڪس قدمن ۽ رليف پيڪيجز تي عمل ڪرڻ جي لاءِ اڃان تائين عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي منظوري جو انتظار ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت مختلف شعبن کي رليف ڏيڻ ۽ ٽيڪس نظام ۾ ڪجهه تبديلين جي تجويز عالمي مالياتي اداري جي سامهون رکي ڇڏي آهي.

بجيٽ تجويز ۾ پگهاردار طبقي جي لاءِ انڪم ٽيڪس سليب ۾ گهٽتائي، سپر ٽيڪس جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ۽ برآمدي شعبي تي لڳايل هڪ سيڪڙو ايڊوانس انڪم ٽيڪس ختم ڪرڻ جي سفارش شامل آهي. انهي کان علاوه پراپرٽي سيڪٽر جي لاءِ به ڪيترين ئي مراعتن ۽ سهولتن تي غور ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهي  خاص شعبي ۾ سرمائيڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏئي سگهجي.

ٻئي طرف رپورٽ موجب ڪجهه شين تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز به بحث هيٺ آهي. انهي حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته سولر پينلز، هائبرڊ گاڏين ۽ تقريبن 20 کان وڌيڪ شين تي جنرل سيلز ٽيڪس کي وڌائي 19 سيڪڙو جي شرح تائين کڻي وڃڻ جي معاملي تي آءِ ايم ايف سان مشاورت جاري آهي.

ياد رهي ته حڪومت ماحول دوست ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اليڪٽرڪ گاڏين تي  گهٽ  ٽيڪس جي شرح برقرار رکڻ جي درخواست به ڪئي آهي اختيارين موجب اها تجويز توانائي جي تحفظ ۽ ماحولياتي حدفن کي نظر ۾ رکندي پيش ڪئي وئي آهي انهي سان 14 ارب ڊالر جي ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسليٽي پروگرام سان به جوڙيو پيو وڃي.

سرڪاري ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس وصولين جا حدف به حڪومت جي لاءِ  هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهن. هلندڙ مالي سال جي لاءِ ايف بي آر جو حدف گهٽ ڪري 13 هزار 428 ارب روپيه مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال جي لاءِ انهي کي وڌائي 15 هزار 264 ارب روپين تائين کڻي وڃڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته انهي وڏي حدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ مختلف مالياتي آپشنز تي تفصيلي مشاورت جاري آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔