پاسداران انقلاب جي جوابي ڪارروائي، اسرائيل جي نيواتيم ۽ تل نوف فضائي اڏن تي حملي جي دعويٰ

تهران:  ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته انهي اسرائيل جي ٻن اهم فضائي اڏن، نيواتيم ۽ تل نوف جي ميزائل حملن کي نشانو بنايو آهي.

پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان موجب اها ڪارروائي اسرائيل جي طرفان ايران جي مختلف علائقن ۾ واقع ڪيترن ئي ريڊار ٺڪاڻن تي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو ته ڪجهه منٽ اڳ اسرائيل جي ٻنهي فوجي اڏن تي حملا ڪيا ويا.

ايراني اختيارين جو موقف آهي ته اسرائيلي حملن ۾ ملڪ جي 3 مختلف علائقن ۾ موجود ريڊار مرڪزن کي نشانو بنايو ويو هو جنهن کان پوءِ جوابي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.

نيواتيم ۽ تل نوف اسرائيل جي اهم فضائي اڏن ۾ شمار ٿيندا آهن، اسرائيلي فضائيه جون ڪيتريون ئي اهم سرگرميون انهن اڏن تان انجام ڏنيون وينديون آهن. ايراني بيان ۾ حملن جي نتيجن يا امڪاني نقصان جا تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا.

ٻئي طرف اسرائيلي اختيارين طرفان فوري طور تي ايراني دعويٰ تي ڪوبه تفصيلي رد عمل سامهون ناهي آيو. آزاد ذريعن کان به حملن جي اثرن يا نقصان جي فوري تصديق ناهي ٿي سگهي. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ سبب خطي ۾ سيڪيورٽي خدشن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي برادري ٻنهي ملڪن کان صبر ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪري رهي آهي. تجزيه ڪارن موجب جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جوابي حملن جو سلسلو جاري رهيو ته وچ اوڀر ۾ صورتحال وڌيڪ ڏکئي ۽ غير مستحڪم ٿي سگهي ٿي.

 

تبصرے بند ہیں۔