ايران ۽ اسرائيل جا هڪٻئي تي حملا، ’ شوٽنگ‘ بند ڪريو، ٽرمپ

واشنگٽن :  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي ڪيل تازي پوسجي اپيل جي باوجود اسرائيل ايران تي جوابي حملو ڪري ڏنو.ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، تهران، تبريز ۽ اصفهان ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، جڏهن ته ڪرج جي ويجهو به ڌماڪي جا اطلاع آهن. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته مغربي ۽ وسطي (وچين) ايران ۾ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي، هيءَ ڪارروائي ايران جي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي آهي. ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته اسرائيل ايران تي حملن ۾ بيلسٽڪ ميزائيل استعمال ڪيا. واضح رهي ته آچر جي رات ايران لبنان جي گاديءَ واري هنڌ بيروت تي حملن جي جواب ۾ اسرائيل تي ميزائيل فائر ڪيا هئا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي جوابي حملن کان منع ڪيو هو ۽ چيو هو ته ايراني حملن سان ڪنهن کي نقصان ناهي پهتو، اميد آهي ته اسرائيل جوابي ڪارروائي نه ڪندو. اسرائيلي ميڊيا موجب، نيتن ياهو جڏهن آمريڪي صدر کي ايران تي حملو ڪرڻ جي پنهنجي ارادي کان آگاهه ڪيو ته ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن حملو ڪيو ويو ته آمريڪا ان ۾ حصو نه وٺندو.

اسرائيل تي حملي بابت آمريڪا کي اطلاع ڏنو ويو هو، بقائي

ايران سومر ڏينهن چيو آهي ته ملڪ تي اسرائيل پاران ڪيل تازين حملن جي لهر “مڪمل طور تي” آمريڪي فوجن سان هم آهنگ ۽ گڏيل رٿابندي تحت ڪئي وئي هئي۔ تهران جو اهو بيان ان کانپوءِ سامهون آيو آهي جڏهن 8 اپريل تي وچ اوڀر جي جنگ بابت ٿيل نازڪ جنگبندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اسرائيل ۽ ايران پهريون ڀيرو هڪ ٻئي تي حملا ڪيا، جيتوڻيڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ضبط ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي۔ هن ڇڪتاڻ، جنهن ۾ علائقي جا ٻيا ملڪ به شامل ٿي ويا، دوران اسرائيل ايران تي حملا ڪيا، جڏهن ته ايران بيروت جي ڏاکڻين علائقن تي ٿيل هوائي حملي جي بدلي ۾ اسرائيل کي نشانو بڻايو هو۔ هن وقت تائين نه اسرائيل ۽ نه ئي ايران ۾ ڪنهن جاني نقصان جي رپورٽ سامهون آئي آهي۔ پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سرڪاري خبر ايجنسي IRNA موجب هڪ پريس بريفنگ دوران چيو، “صهيوني حڪومت جي ڪيل ڪاررواين بابت آمريڪا جي سڌي ذميواري واضح آهي، ۽ ڇڪتاڻ وڌڻ جا نتيجا به آمريڪا کي ڀوڳڻا پوندا۔” بقائي وڌيڪ چيو، “ڪو به اهو نٿو مڃي ته صهيوني حڪومت آمريڪا سان اڳواٽ هم آهنگي ۽ سهڪار کان سواءِ ڪا به ڪارروائي ڪري سگهي ٿي۔” هن وڌيڪ چيو، “هن مڙهيل جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل سفارتي عمل جو متاثر ٿيڻ بلڪل فطري ڳالهه آهي۔”

تبصرے بند ہیں۔