ٽرمپ جو يو ٽرن، ايران کي تبديل ٿيل سخت تجويزون موڪلي ڇڏيون

واشنگٽن : آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ٻيو يو ٽرن وٺندي ايران سان معاهدي تي جلد فيصلي کانپوءِ پنهنجو ذهن تبديل ڪري ڇڏيو آهي. نيويارڪ ٽائمز موجب، صدر ٽرمپ پاران ايران کي تبديل ٿيل سخت تجويزون موڪليون ويون آهن، انهن نئين تجويزن جو مقصد ايران تي دٻاءُ وجهڻ آهي ته هو پهرين کان تيار ڪيل فريم ورڪ تي جلد راضي ٿي وڃي.

آمريڪا ۽ ايران معاهدي جي تمام ويجهو آهن: ڊونلڊ ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران پڪ ڏياري آهي ته هو نه صرف ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو پر ايٽم بم به نه خريد ڪندو، آمريڪي صدر اهو به چيو ته آمريڪا ۽ ايران معاهدي جي تمام ويجهو آهن، هن گڏوگڏ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران سان ڪا سٺي ڊيل (معاهدو) نه ٿي ته ٻيهر فوجي آپريشن ڪرڻو پوندو، صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته جيڪو اسان چاهيون ٿا اهو ايران کان حاصل ڪري رهيا آهيون، صدر ٽرمپ چيو ته هو ڪنهن به تڪڙ ۾ ناهن، نه ته سٺي ڊيل نه ٿيندي، هن اها به دعويٰ ڪئي ته سڀئي پتا (اختيار) آمريڪا وٽ ئي آهن.صدر ٽرمپ جمعي تي آبنائي هرمز کي کولڻ جو اعلان ڪيو هو پر هاڻي چيو اٿس ته ڊيل تي صحيحون ٿيندي ئي هرمز جي پڻي کي کولي ڇڏبو، آمريڪي صدر چيو ته ايران هن وقت تمام خراب پوزيشن ۾ آهي، ايران جي فوج، نيوي ۽ فضائيہ جو مڪمل صفايو ڪيو ويو آهي.”

حزب الله جي راڪيٽن ۽ ڊرون حملن کانپوءِ اسرائيل جو سرحدي علائقن ۾ اسڪول بند رکڻ جو اعلان

حزب الله جي راڪيٽن ۽ ڊرونز حملن کانپوءِ اسرائيل سرحدي علائقن ۾ اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسرائيلي فوج موجب، اترين سرحدي علائقن ۾ سمورا اسڪول سومر واري ڏينهن بند رهندا، جڏهن ته عوامي گڏجاڻين کي محدود ڪندي وڌ ۾ وڌ 50 ماڻهن تائين محدود ڪيو ويو آهي. اتر اسرائيل جا ساحلي علائقا به بند ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف اسرائيل جي صحت واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته اترين علائقي ۾ واقع ميڊيڪل سينٽر کي حفاظتي اپاءَ طور زيرِ زمين (زمين جي اندر) محفوظ ڪمپليڪس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي

آبنائي هرمز جي ناڪابندي برقرار، ايران سان ڊيل ٿيندي ته آبنائي هرمز کولي ويندي: آمريڪي وزيرِ جنگ

آمريڪي وزيرِ جنگ پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته آبنائي هرمز (هرمز جي پڻي) جي ناڪابندي برقرار آهي، جڏهن ايران سان ڊيل ٿيندي ته آبنائي هرمز کولي ويندي.آمريڪي وزيرِ جنگ سنگاپور ۾ ڳاله ٻولهه ڪندي چيو ته ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته ايران ڪهڙي شيءِ جي چونڊ ڪري ٿو، جيڪڏهن ڊيل ٿي وئي ته آبنائي هرمز هڪ ‘ٽول فري’ (بنا ڪنهن ٽيڪس جي) رستو هوندو جنهن کي سڄي دنيا استعمال ڪري سگهندي.هن چيو ته هن وقت آمريڪا ان ڳالهه لاءِ تيار آهي ته جيڪڏهن ٻيهر جنگي ڪارروائي ڪرڻي پئي ته ڪندو پر مون کي يقين آهي ته آمريڪا هڪ اهڙو معاهدو (ڊيل) حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو جيڪو آمريڪي عوام جي مفاد ۾ هوندو. آمريڪي وزيرِ جنگ چيو ته ايران اهو چوڻ چاهي ٿو ته آبنائي هرمز ان جي ڪنٽرول ۾ آهي پر پسمنظر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته آبنائي هرمز جو ڪنٽرول آمريڪا وٽ آهي.ٻئي طرف آمريڪي سينٽڪام (CENTCOM) چيو آهي ته آمريڪي فوج گيمبيا جي جهنڊي واري هڪ بحري جهاز کي ايران وڃڻ کان روڪي ناڪاره بڻائي ڇڏيو. سينٽڪام موجب آمريڪا عمان جي سمنڊ (خلافتِ عمان) ۾ ناڪابندي تي عمل نه ڪندڙ بحري جهازن کي نقصان پهچايو

 

تبصرے بند ہیں۔