اسلام آباد: ۡ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان تي گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ڪرڻ، نيب جي خودمختاري ۽ شفافيت ۾ اضافي سميت 11 نيون شرطون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.
آءِ ايم ايف آئنده مالي سال جي لاءِ ايف بي آر جو ٽيڪس حدف 15 هزار 267 ارب روپيه مقرر ڪرڻ جي تجويز به ڏني آهي، جنهن جي تحت آئنده مالي سال 430 ارب روپين جو اضافو ٽيڪس لڳائڻ جو به امڪان آهي جنهن مان 215 ارب روپين جي نئين ٽيڪس ۽ 115 ارب روپين جي ٽيڪس انفورسمنٽ ذريعي جمع ڪيا ويندا.
ٻئي طرف آئنده مالي سال پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام کان 1727 ارب روپيه وصول ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي نئين شرط(اسٽرڪچرل بينچ مارڪ) ۾ آئنده مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي پارليامينٽ مان منظوري، بدعنواني ۾ روڪٿام ۽ سرڪاري خريدارن جي فريم ورڪ جي مضبوطي، ٽيڪس روينيو انتظاميه ۾ بهتري، پاڪستان جي غير مشروط ڪيش ٽرانسفر پروگرام(ڪفالت پروگرام) جي سلسلي کي برقرار رکڻ، ڪرنسي ايڪسچينج جي خودمختاري جي لاءِ روڊميپ جي تياري ۽ ريگوليٽري شفافيت ۾ اضافي جون اهم شرطون به شامل آهن.
عالمي مالياتي اداري جي نئين شرطن ۾ پيپرا رولز ۾ ترميم، نيب جي خودمختاري ۽ شفافيت ۾ اضافو ڪرڻ، توانائي جي شعبي ۾ گيس ۽ بجلي جي سالياني ۽ ٽه ماهي اضافي جي نوٽيفڪيشن، خصوصي اڪنامڪ زونز جي 2035 تائين مراعتن جو مڪمل خاتمو ۽ وفاقي سرڪار ۽ اسلام آباد جي لاءِ ڪاروبار جي ريگوليشن جي لاءِ پاڪستان ريگوليٽري رجسٽري جو قيام به شامل آهي.
تبصرے بند ہیں۔