ڪراچي: منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار، عورت انمول عرف پنڪي کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
رپورٽ موجب انمول عرف پنڪي کي چهرو ڍڪي سخت سيڪيورٽي هيٺ سٽي ڪورٽ ڪراچي آندو ويو جنهن کان پوءِ کيس جوڊيشل مئجسٽريت ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
پنڪي عدالت ۾ پيشي جي دوران گوڙ ڪيو ۽ چيو ته مون کي 22 ڏينهن کان مختلف جڳهن تي رکيو ويو آهي، مون کي لاهور مان گرفتار ڪري وين ۾ آندو ويو، منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا آهن جڏهن ته منهنجي مٿان تشدد پڻ ڪيو ويو آهي. مون سان ظلم ٿي رهيو آهي. 6 ماڻهو مون کي گاڏي ۾ وجهي کڻي آيا، 15 ڏينهن کان پوءِ مون کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو. مون کي زور زبردستي ماڻحن جا نالا چورايا پيا وڃن. مون کي چيو پيو وڃي ته جيڪي اسان نالا ٻڌائي رهيا آهيون، انهن سڀني جا نالا کڻو. اهڙي طرح بني گاله جي هڪ ماڻهو جو نالو کنيو پيو وڃي. مون کي چيو پيو وڃي ته انهي جو نالو کڻو، پهرين ڏينهن مون کي وين ۾ آندو ويو هو، جتان مون کي گرفتار ڪيو ويو اهو گهر به منهنجونه هو.
انهي موقعي تي عدالت گرفتار عورت پنڪي کي يقين ڏياريندي چيو ته عدالت ۾ اوهان کي ڪير به حراسان نٿو ڪري سگهي، اوهان جو ۽ اوهان جي وڪيل جو مڪمل موقف ٻڌو ويندو. انمول عرف پنڪي عدالت ۾ چيو ته منهنجي خلاف 20 کان 25 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. چيو پيو وڃي ته اوهان سڀ ڪجهه قبول ڪريو، ٻئي صورت ۾ اوهان جي گهر ڀاتين کي کڻي وينداسين.
ٻڌڻي جي دوران عدالت جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته 3 ڏينهن جو رمانڊ مليو هو، ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته 7 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار عورت جي نشاندهي تي ريڪوري ٿي رهي آهي پر گرفتار عورت مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي رهي آهي. ڳالهين کي گهمائي ڦرائي رهي آهي.
عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ملزمه جو پهريون آرڊر ڪٿي آهي؟ جاچ آفيسر جواب ڏنو ته پهريون آرڊر پوليس موبائل ۾ موجود آهي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اها انويسٽيگيشن آهي اوهان جي.
جاچ آفيسر آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته 3 ڪيس آهن، عدالت سڳوري کي صحيح طريقي سمجهائي نه سگهيو آهيان، پنڪي اڄ تائين پڪڙي نه وئي هئي، ڪيتري وقت کان ڪم ڪري رهي آهي، يونيورسٽين ۾ نسلون تباهه ڪيون ويون آهن. 600 ماڻهن جا نمبر مليا آهن جن کي منشيات سپلائي ٿي رهي هئي. ملزمه جي گينگ ۾ پرڏيهي به شامل آهن. جاچ آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته عورت تمام گهڻي شاطر دماغ آهي، هر ڀيري بيان تبديل ڪري رهي آهي. اڄ به عدالت ۾ پيشي جي لاءِ آڻڻ دوران هن چيو ته اوهان مون کي سڃاڻو نٿا، منهنجو نالو پنڪي آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ پنڪي جي جسماني ريمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
تبصرے بند ہیں۔