آءِ ايم ايف ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ايندڙ بجيٽ ۾ وڏي ٽيڪس رعايت ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد:  آءِ ايم ايف ڪارپوريٽ سيڪٽر جي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ وڏي ٽيڪس رعايت ڏيڻ کان حڪومت کي روڪي ڇڏيو آهي.

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ايندڙ مالي سال 2026-27 جي وفاقي بجيٽ تي ڳالهيون جاري آهن. انهي حوالي سان ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفاقي حڪومت کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر کي انٽرڪارپوريٽ ڊيوڊنڊ تي لڳايل ٽيڪس واپس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ڏنل هڪ وڏي امڪاني ٽيڪس رعايت جي مخالفت ڪئي، جنهن کان پوءِ ناڻي واري وزارت جي ٽيڪس پاليسي آفيس انٽرڪارپوريٽ ڊيويڊنڊ تي لڳايل ٽيڪس ختم ڪرڻ جي بجيٽ تجويز رد ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ انٽرڪارپوريٽ ڊيويڊنڊ تي لڳايل ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ هئي، پر آءِ ايم ايف سان ٿيل بجيٽ جائزه اجلاس ۾ آءِ اي ايف جائزه مشن انهي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو.

ناڻي واري وزارت جي ٽيڪس پاليسي آفيس ڪارپوريٽ گروپس جي اندر ورهايل منافعي يعني انٽرڪارپوريٽ ڊيويڊنڊ، تي ٽيڪس ۾ نرمي جي تجويز جو جائزو ورتو هو ته جيئن ڪمپنين تي هڪ ئي آمدني تي هر ڀيري ٽيڪس لڳائڻ جي مسئلي کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ ٽيڪس نظام ۾ توازن بحال ٿئي. ذريعن موجب موجوده صورتحال ۾ انهي تجويز جي عملي شڪل اختيار ڪرڻ جا امڪان نه هجڻ جي برابر آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔