اسلام آباد: قطر مان 2 ايل اين جي ڪارگو پاڪستان پهچي چڪا آهن جڏهن ته ايل اين جي جي وڌيڪ سپلائي جي لاءِ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ويجها رابطه جاري رکڻ تي اتفاق ٿي ويو.
وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ سان قطر جي سفير علي بن مبارڪ الخاطر ملاقات ڪئي. وفاقي وزير وقت تي سهولتڪاري مان پاڪستان کي ايل اين جي سپلائي تي ٿورو ادا ڪيو.
علي پرويز ملڪ چيو ته پاڪستان جي ترجيح اها آهي ته ضروري منظورين سان دوست ملڪن مان سپلائيز حاصل ڪيون وڃن. اهڙي وقت ۾ قطر جي تعاون جي قدر ڪريون ٿا.
هن چيو ته توانائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اضافي گيس سپلائي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ به ڪوششون جاري آهن. فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت هڪ جامع انرجي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي رهي آهي.
قطري سفير چيو ته خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن ۽ تعميري ڪردار جي تعريف ڪريون ٿا. انهي موقعي تي مستقبل ۾ خاص طور تي اسٽريٽجڪ اسٽوريجز جي حوالي سان توانائي تعاون جي لاءِ گڏيل رابطه وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق به ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔