ڪراڇي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي جي دوران ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهري اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا. لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنل علائقن ۾ به بجلي جي اڻ اعلانيل بندش عوام جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ سخت گرمي جي دوران شايد ئي ڪو اهڙو علائقو هجي جتي بجلي جي اکٻوٽ جاري نه هجي. هتي هزارين روپين جا بل ڀرڻ جي باوجود بجلي ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ صرف ڪجهه ئي دير لاءِ ايندي آهي.
تازو ئي ڪراچي جا اهڙا علائقا جيڪي لوڊشيڊنگ کان آجا قرار ڏنا ويا آهن انهن علائقن ۾ به اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ڪاروباري سرگرميون به متاثر ٿي رهيون آهن. ڪياماڙي، کارادر، لياري، اورنگي ٽائون، بلديه ٽائون، سعيد آباد ۽ گلشن اقبال سميت ڪيترائي علائقا اهڙا آهن جتي ڪيترائي ڪلاڪ بجلي جي بندش معمول بڻجي وئي آهي. جڏهن ته لياقت آباد سي ون ايريا، ناظم آباد گلبهار، رضويه ۽ پاڪ ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن جا رهواسي به انهي جي مسلسل بندش سبب گرمي دوران اذيت ۾ مبتلا آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۽ حبس ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ زندگي حرام ڪري ڇڏي آهي. بجلي نه هجي ته پاڻي جو بحران بونس جي طور تي ملندو آهي.
ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جو موقف ساڳيو ئي سامهون اچي رهيو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ ٽيڪنيڪي مسئلا ۽ لائن لاسز سبب بجلي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته هاڻ هو انهي تسلين مان صبر سان نه ويهندا. لاڳاپيل اختياريون اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو فوري نوٽيس وٺن ۽ بجلي جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔