اسلام آباد: حڪومت آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته جنوري 2027ع تائين گيس صارفين کي ملندڙ 140 ارب روپين جي ڪراس سبسڊي کي ختم ڪيو ويندو.
انهي کان پوءِ گيس ۽ بجلي تي ملندڙ رعايتون صارف جي استعمال جي بجاءِ انهي جي آمدني جي بنياد تي ڏنيون وينديون ۽ انهي مقصد جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڊيٽا استعمال ڪيو ويندو.
پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ اختيارين موجب موجوده نظام ۾ محفوظ ۽ ڪجهه غير محفوظ صارفين کي گهٽ قيمتن تي گيس فراهم ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته انهي رعايت جو بار صنعتن، ڪمرشل صارفين، سي اين جي اسٽيشن، سيمنٽ سيڪٽر ۽ وڌيڪ گيس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين برداشت ڪندا آهن.
هاڻ اهو نظام ختم ڪري سمورن صارفين کان هڪ جيتريون قيمتون وصول ڪيون وينديون، جڏهن ته صرف گهٽ آمدني وارن گهراڻن کي سڌو سنئون مالي مدد ڏني ويندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت اوسط گيس ٽيرف 1.750 روپيه في MMBtu آهي، پر صارفين انهي کان به گهٽ قيمت ادا ڪري رهيا آهن.
تبصرے بند ہیں۔