اسلام آباد: پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.3 ارب ڊالر جي ٽئين قسط ملي وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ(آءِ ايم ايف) جي اسڪٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي ۽ ريزيلنس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي پروگرامز جي تحت تقريبن 1.3 ارب آمريڪي ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي ملي ويا آهن.
آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ 8 مئي 2026 تي ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان جي لاءِ اسڪٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي جي تحت ٽئين جائزي کي پورو ڪندي 760 ملين ايس ڊي آر جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. انهي کان علاوه ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي جي تحت 154 ملين ايس ڊي آر جي ٻئي قسط به منظور ڪئي وئي.
اسٽيٽ بينڪ موجب 12 مئي 2026 تي آءِ ايم ايف طرفان گڏيل طور تي 914 ملين ايس ڊي آر(تقريبن 1.3 ارب ڊالر) ملي ويا آهن. اها رقم 15 مئي 2026 تي ختم ٿيندڙ هفتي جي دوران ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ شامل ڪيا ويندا.
تبصرے بند ہیں۔