ڪراچي: ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا چيو آهي ته منشيات فروش عورت انمول عرف پنڪي جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ملي ويو آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب گذريل ڏينهن عدالت جوابدار عورت جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪري ڇڏي هئي. عورت کي اڄ ٻيهر جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته عدالت جي آڏو اڄ ٻيهر منشيات فروش عورت جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي جنهن تي عدالت عورت جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو. جسماني ريمانڊ جي منظوري کان پوءِ پوليس منشيات فروش عورت کي عدالت مان وٺي رواني ٿي وئي.
پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته انمول عرف پنڪي تي ماضي ۾ داخل ڪيسز جا تفصيل به گڏ ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته ڪراچي ۾ گارڊن پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات فروش عورت کي گرفتار ڪيو هو. گرفتار ڪيل عورت جي قبضي مان ڪروڙين روپين جي ماليت جي ڪوڪين ۽ ٻيون نشه آور شيون هٿ آيون هيون.
تبصرے بند ہیں۔