اسلام آباد: چين پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولرائڻ جي لاءِ پنهنجي ٽياڪڙي جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪري.
چيني خبرون ڏيندڙ اداري شنهوا موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي پنهنجي پاڪستاني هم منصب اسحاق ڊار سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن ۾ خطي جي صورتحال ايران آمريڪا ڇڪتاڻ ۽ جنگبندي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب اسحاق ڊار چيني پرڏيهي وزير کي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽياڪڙ ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۾ چين جي حمايت تي ٿورو ادا ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ وڌيڪ ويجهو تعاون جاري رکندا.
چيني پرڏيهي وزير وانگ اي پاڪستان طرفان ڳالهين ۾ سهولتڪاري ۽ عارضي جنگبندي ۾ واڌ جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته اسلام آباد کي خطي ۾ امن بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ گهرجي. شنهوا موجب وانگ اي انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته چين پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي مڪمل حمايت جاري رکندو ۽ پاڻ به خطي ۾ امن جي قيام ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آبنائي هرمز جي بندش سبب عالمي واپار ۽ تيل جي ورهاست سخت متاثر ٿي رهي آهي. جڏهن ته ڪيترائي ملڪ انهي اهم بحري رستي کي ٻيهر کولرائڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ مصروف آهن.
تبصرے بند ہیں۔