سپريم ڪورٽ حق مهر بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ڪنهن ٽئين شخص جي ملڪيت کي مالڪ جي راضپي کان سواءِ حق مهر جو حصو نٿو بڻائي سگهجي.

سپريم ڪورٽ ۾ حق مهر ۾ سُهري جي جائيداد جي شموليت بابت ڪيس ۾ جسٽس مسرت بلالي  لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت مدعيه جي حق ۾ هڪ ڪنال پلاٽ جي ڊگري رد ڪندي قرار ڏنو ته ڪيس رڪارڊ موجب پلاٽ درخواستگذار شير عالم خان جي ملڪيت هو. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته حق مهر ۾ لکيل پلاٽ مدعيه جي مڙس جي نالي نه هو. جڏهن ته ڪنهن ٽئين شخص جي ملڪيت کي انهي جي راضپي کان سواءِ حق مهر ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ماتحت عدالتن شاهدين کي صحيح طريقي سان ناهي پڙهيو، ملڪيت جي اهم نڪتي کي نظر انداز ڪيو، انهي ڪري انهن جا فيصلا قانوني غلطي تي ٻڌل هئا. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته هاءِ ڪورٽ کي انهي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي ها.

سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي 22 مارچ 2024 جي فيصلي خلاف اپيل جزوي طور تي منظور ڪندي حق مهر ۾ شامل هڪ ڪنال پلاٽ جي حد تائين فيملي ڪورٽ، اپيلٽ ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.  عدالت حق مهر ۾ شامل ٻيون شيون، خاص طور تي 5 لک روپيه ۽ سون جي زيورن بابت اڳوڻا فيصلا برقرار رکيا.

فيصلي ۾ چيو ويو ته مدعيه جي حق مهر ۾ رنگ روڊ پشاور تي واقع هڪ ڪنال جو پلاٽ به شامل ڪيو ويو هو، پر درخواستگذار شير عالم خان موجب پلاٽ انهي جي ملڪيت هو ۽ هي انهي کي حق مهر ۾ ڏيڻ تي راضي نه آهي.

سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته نڪاح کان پوءِ تيار ڪيل ڪابين نامو قانوني طور تي ثابت نه ٿي سگهيو. جڏهن ته ڪابين نامي جي گواهن جي به جرح جي دوران دستاويز جي تياري ۽ صحيحن جي وقت پنهنجي موجودگي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.

 

تبصرے بند ہیں۔