اڄ اسان لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، هڪ سال اڳ سموري قوم گڏ ٿي دشمن کي جواب ڏنو: وڏو وزير

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿي ويو، اجلاس جي شروعات تي پاڪ فوج جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي فاتحه خواني ڪئي وئي.

سنڌ اسيمبلي ۾ معرڪه حق جي حمايت ۾ قرارداد پيش ڪئي وئي جيڪا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيش ڪئي. وڏي وزير ايوان کان اجازت طلب ڪندي چيو ته مون کي ٻيون ڪارروايون معطل ڪري قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

مراد علي شاهه قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو، هن پاڪ فوج جي سربراهه، صدر مملڪت ۽ وزيراعظم کي به خراج تحسين پيش ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڄ اسان جي لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، هڪ سال اڳ سموري قوم گڏ ٿي دشمن کي جواب ڏنو هو. هن چيو ته اسان جي فوج، حڪومت، قوم ۽ ميڊيا گڏجي دشمن کي جواب ڏنو. مراد علي شاهه 1947ع جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت چوندو هو ته هي ملڪ 6 مهينا به نه هلندو.

هن چيو ته 20 جنوري 1972ع تي انهي جي شروعات ٿي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مختلف سياسي اڳواڻن کي انهي سلسلي ۾ گهرايو. مراد علي شاهه چيو ته مئي 1998ع ۾ پاڪستان ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڻ کي پهرين مسلمان ايٽمي  طاقت بنايو.

 

تبصرے بند ہیں۔