واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي جنگ ختم ڪرڻ بابت آمريڪي تجويزن تي ايران جي جواب کي “بلڪل ناقابلِ قبول” قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايران جي نيم سرڪاري خبر ايجنسي تسنيم موجب، تهران پاران پاڪستان وسيلي موڪليل تجويز ــ ۾ سڀني محاذن تي جنگ جو فوري خاتمو، آمريڪي سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻ ۽ ايران تي وڌيڪ حملو نه ڪرڻ جون ضمانتون شامل هيون.
جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين کي آسان بڻائڻ خاطر جيڪو جنگبندي وارو معاهدو آمريڪا ۽ اسرائيل پاران فيبروري ۾ شروع ڪيل جنگ کانپوءِ ڪيو ويو هو، ان تي گهڻو ڪري عمل ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن فائرنگ جا واقعا سامهون آيا آهن. هن هفتي جي شروعات ۾، ٽرمپ ٻيهر چيو ته ايران ۾ جنگ “جلد ختم ٿي ويندي”۔ پر اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو ته ايران وٽ موجود افزودہ يورينيم جو ذخيرو “ختم ڪرڻ لازمي” آهي، ان کان اڳ جو ايران خلاف جنگ کي ختم ٿيل سمجهيو وڃي.
سي بي ايس جي پروگرام’ 60 منٽس‘ سان ڳالهائيندي نيتن ياهو چيو، “اڃا به اهڙا افزودگي وارا هنڌ آهن، جيڪي ختم ڪرڻا پوندا.” آچر ڏينهن، ايراني صدرمسعود پزشڪيان تهران جي تجويز جو سڌو حوالو نه ڏنو، پر هن چيو: “اسان ڪڏهن به دشمن اڳيان ڪنڌ نه جهڪائينداسين، ۽ جيڪڏهن ڳالهين جو ذڪر ٿئي ٿو ته ان جو مطلب هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا پوئتي هٽڻ ناهي.”
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي لکيو: “مون ايران جي نام نهاد ‘نمائندن’ جو جواب پڙهيو آهي. مون کي اهو پسند نه آيو ــ مڪمل طور ناقابلِ قبول.” آمريڪي نيوز اداري Axios رپورٽ ڏني ته هڪ صفحي تي ٻڌل 14 نڪاتي آمريڪي يادداشت ۾ ايران جي جوهري افزودگي معطل ڪرڻ، پابنديون ختم ڪرڻ ۽ آبنائي هرمز مان آزاد آمدرفت بحال ڪرڻ جهڙيون شقون شامل آهن.
رپورٽ موجب، ٻه آمريڪي عملدارن ۽ ٻين ٻن ذريعن ــ جن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا ــ ٻڌايو ته يادداشت ۾ شامل ڪيترائي شرط آخري معاهدي سان مشروط هوندا. ايران آبنائي هرمز کي بند رکيو آهي، جنهن سبب عالمي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ٻئي طرف آمريڪا، تهران تي پنهنجا شرط مڃرائڻ لاءِ ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي لاڳو ڪري رهيو آهي، جنهن ايران کي سخت ڪاوڙايو آهي.
اسرائيلي ۽ آمريڪي فوجن 28 فيبروري تي ايران تي وڏي پيماني تي هوائي حملا شروع ڪيا هئا، جڏهن ته ايران جنگ ۾ جنگبندي گذريل مهيني لاڳو ٿي هئي.
سي بي ايس سان انٽرويو ۾ نيتن ياهو چيو: “مان چاهيان ٿو ته اسرائيلي فوج لاءِ آمريڪي مالي مدد کي صفر تائين آندو وڃي.” هن چيو، “اسان کي هر سال 3.8 ارب ڊالر ملن ٿا، ۽ منهنجو خيال آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان باقي فوجي مدد تي انحصار گهٽايون.” هن وڌيڪ چيو: “اچو ته هاڻي کان شروعات ڪريون ۽ ايندڙ ڏهاڪي دوران اهو عمل مڪمل ڪريون.”
ايران آمريڪي تجويز تي غور ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٽرمپ چوي ٿو ته جنگ “جلد ختم ٿي ويندي”. ٽرمپ پاران ايران جي تجويز رد ڪرڻ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. ايران پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي آمريڪي پابندين تي عمل ڪرڻ کان پاسو ڪن.
ايراني خابرو اداري ارنا مپجب فوجي ترجمان محمد اڪرمينيه چيو ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهاز جيڪڏهن پهرين تهران سان سهڪار نه ڪندا ته کين “سخت نتيجن” کي منهن ڏيڻو پوندو. اڪرمينيه چيو ته آمريڪا “اتر هندي سمنڊ جي هن وسيع علائقي کي پنهنجي بحري ٻيڙي ذريعي حقيقي ناڪابندي ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو.”
آبنائي هرمز، جيڪا تيل ۽ گئس جي فراهمي لاءِ هڪ اهم سامونڊي رستو آهي، اتي جهازن جي آمدرفت تقريباً بند ٿي چڪي آهي. تهران هن سامونڊي رستي تي پنهنجي اثرائتي ڪنٽرول کي جنگ دوران استعمال ڪيو آهي، جتان عام طور دنيا جي لڳ ڀڳ پنجين حصي جيترو تيل ۽ قدرتي گئس گذري ٿي. ايران خبردار ڪيو آهي ــ ۽ ڪجهه حالتن ۾ حملو به ڪيو آهي ــ انهن جهازن تي جيڪي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
آمريڪا جي نار واري علائقي ۾ وڏي فوجي موجودگي آهي، جنهن ۾ قطر، بحرين، يو اي اي، ڪويت، سعودي عرب ۽ عمان ۾ فوجي اڏا شامل آهن. بي بي سي موجب ڇنڇر تي اعلان ڪيو ويو ته برطانوي شاهي بحريه وچ اوڀر ڏانهن هڪ جنگي ٻيڙو موڪلي رهي آهي، جيڪو آبنائي هرمز ۾ جهازراني جي تحفظ لاءِ عالمي مشن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر، جيڪو فرانسيسي صدر ايمانول ميڪرون سان گڏ جهازراني واري مشن جي حمايت ڪري رهيو آهي، چيو ته اهو صرف تڏهن ٿيندو جڏهن علائقي ۾ ويڙهه ختم ٿيندي.
ان جي جواب ۾ ايران آچر تي خبردار ڪيو ته آبنائي هرمز ۾ ڪنهن به فرانسيسي يا برطانوي موجودگي جو “فيصلاڪن ۽ فوري جواب” ڏنو ويندو. بعد ۾ ميڪرون چيو ته فرانس “ڪڏهن به” بحري تعيناتي جو ارادو نه ڪيو هو، پر هڪ اهڙي سيڪيورٽي مشن جو سوچي رهيو هو جيڪو “ايران سان هم آهنگ” هجي.
ايران نار ۾ آمريڪا جي عرب اتحادي ملڪن خلاف به جوابي ڪارروايون ڪيون آهن. برطانيا جي UK Maritime Trade Operations چيو ته قطر جي دوحا کان لڳ ڀڳ 43 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هڪ مال بردار جهاز “نامعلوم شيءَ جي حملي” جو نشانو بڻيو، جنهن سبب معمولي باهه لڳي، پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
بعد ۾ ايران جي فارس نيوز ايجنسي هڪ نامعلوم ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو جهاز “آمريڪي جهنڊي هيٺ هلي رهيو هو ۽ آمريڪا سان تعلق رکندڙ هو.”
آچر ڏينهن ڪويت چيو ته ڊرونز سندس فضائي حدن ۾ داخل ٿيا هئا ۽ فوج “انهن سان نبرڻ” جو عمل ڪيو. ڪجهه ڪلاڪن بعد، گڏيل عرب امارات چيو ته سندس فضائي دفاعي نظام ايران کان ايندڙ ٻن ڊرونز کي تباهه ڪيو.
40 کان وڌيڪ ملڪن جا دفاعي وزير سومر ڏينهن گڏ ٿيندا ته جيئن آبنائي هرمز ۾ جهازراني جي تحفظ بابت برطانيا جي اڳواڻي ۾ تيار ڪيل منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي.
برطانوي وزير جان هيلي ۽ سندس فرانسيسي هم منصب ڪيٿرين ووترين ان اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا، جتي اتحادي ملڪ امڪاني طور وضاحت ڪندا ته جنگبندي کانپوءِ سامونڊي ٽريفڪ جي نگراني ڪيئن ڪئي ويندي.
ٽرمپ 6 مئي تي پنهنجي ٽرٿ سوشل پوسٽ ۾ لکيو هو ته جيڪڏهن ايران ڪنهن معاهدي تي راضي نه ٿيو ته “بمباري شروع ٿيندي، ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اها اڳ کان وڌيڪ شديد ۽ خطرناڪ هوندي.”
اگلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔