اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات متحده عرب امارات ۾ ٿيل ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
وزيراعظم چيو ته يو اي اي ۾ ٿيل ميزائل ۽ ڊرون حملن تي شيخ محمد بن زايدالنهيان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ يو اي اي جي حڪومت ۽ امارات جي ڀينرن ڀائرن سان مضبوطي سان بيٺل آهي. هن چيو ته انتهائي ضروري آهي ته جنگبندي کي برقرار رکيو وڃي ۽ انهي جو احترام ڪيو وڃي، خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام لاءِ ڳالهين کي ضروري سفارتي گنجائش فراهم ڪرڻ گهرجي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن يو اي اي تي 3 ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا، انهي حوالي سان اماراتي دفاع واري وزارت جو چوڻ هو ته ايران مان 12 بيلسٽڪ ميزائل، 3 ڪروز ميزائل ۽ 4 ڊرونز امارات تي فائر ڪيا ويا، يو اي اي جواب جو حق محفوظ رکي ٿو.
ايراني ميڊيا موجب سيڪيورٽي ذريعن ايران مان امارات تي حملن جي ترديد ڪندي چيو ته حملي تي آمريڪا کان پڇاڻو ڪيو وڃي ڇو ته واقعو آمريڪي فوجي مهم سبب پيش آيو.
تبصرے بند ہیں۔