ٽيسلا جي بنا ڊرائيور وارين گاڏين بابت يورپ جا شڪ

ڪراچي: ٽيسلا جي سي اي او ايلون مسڪ اميد ظاهر ڪئي آهي ته يورپي يونين جلد ئي ڪار ٺاهيندڙ جي “فل سيلف ڊرائيونگ” (ايف ايس ڊي ) سسٽم جي منظوري ڏيندي، پر ڪجهه يورپي ريگيوليٽرن جي اي ميلن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو هن ٽيڪنالاجي ۽ ان جي دعويٰ ڪيل حفاظتي فائدن بابت اڃا شڪ ۾ آهن.
رائٽرز جي رپورٽ موجب ٽيسلا جي “FSD (سپروائيزڊ)” ٽيڪنالاجي کي اپريل ۾ هالينڊ جي روڊ ريگيوليٽر RDW کان منظوري ملي هئي. RDW هاڻي FSD لاءِ يورپي يونين کان منظوري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن بابت هڪ اهم ڪميٽي جي ٻڌڻي اڱاري تي مقرر آهي.
“اسان کي اميد آهي ته اسان کي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ به منظوري ملندي،” مسڪ 22 اپريل تي هڪ ڪانفرنس ڪال دوران تجزيه نگارن کي ٻڌايو، ۽ وڌيڪ چيو ته پوءِ ٽيسلا يورپ ۾ ڊرائيور کان سواءِ هلندڙ روبو ٽيڪسيز لاءِ به منظوري وٺڻ جي ڪوشش ڪندو.
يورپ ۾ FSD جي منظوري ٽيسلا لاءِ تمام اهم آهي، جتي ڪمپني گذريل ٻن سالن دوران وڃايل مارڪيٽ شيئر ٻيهر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني FSD لاءِ مهيني جي سبسڪرپشن فيس وٺي ٿي، جيڪو ڪجهه حالتن ۾ پاڻمرادو ڊرائيو ڪري سگهي ٿو، پر ڊرائيور کي هر وقت مڪمل طور خبردار رهڻ ضروري آهي.
پر اڳ ۾ ظاهر نه ٿيل اي ميلن ۾، هالينڊ، سويڊن، فنلينڊ، ڊينمارڪ ۽ ناروي جا ريگيوليٽر، جيڪي مسڪ جي منظوري واري مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن ٽيڪنالاجي بابت ڪيترن خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
انهن خدشن ۾ سسٽم جو تيز رفتاري ڪرڻ جو رجحان، برفاني رستن تي ان جي حفاظت، ۽ ڊرائيورن جي اها صلاحيت شامل آهي ته هو موبائل فون جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ٺاهيل خاصيتن کي نظرانداز ڪري سگهن ٿا. اهي تفصيل رائٽرز کي پبلڪ رڪارڊز ذريعي ڏٺل اي ميلن مان مليا.
انهن ريگيوليٽرز ٽيسلا جي ان حڪمت عملي تي به ناراضگي ظاهر ڪئي آهي، جنهن تحت ڪمپني عوامي طور گاڏي مالڪن کي ترغيب ڏئي ٿي ته هو ريگيوليٽرن تي FSD جي منظوري لاءِ دٻاءُ وجهن.
يورپي يونين جي ڪميٽي اڱاري تي هالينڊ جي عملدارن کان ٻڌندي ته هنن ٽيسلا جي FSD کي ڇو منظور ڪيو ۽ ٻيا ميمبر ملڪ ڇو ان جي پيروي ڪن.
ٽيسلا تبصري لاءِ ڪيل درخواستن جو ڪو جواب نه ڏنو.
FSD جي منظوري لاءِ ضروري آهي ته ڪميٽي جا اهي ميمبر، جيڪي يورپي يونين جي 55 سيڪڙو ملڪن ۽ 65 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪن ٿا، “ها” ۾ ووٽ ڏين. هن هفتي FSD تي ڪا ووٽنگ مقرر ناهي. ايندڙ ڪميٽي اجلاس جولاءِ ۽ آڪٽوبر ۾ متوقع آهن.
ريگيوليٽر دستاويزن جي انتظار ۾
رائٽرز طرفان ڏٺل اي ميلن مان معلوم ٿيو ته ٽيسلا جو هڪ پاليسي مينيجر هالينڊ جي 10 اپريل واري فيصلي کان صرف چار ڏينهن پوءِ سويڊن جي اختيارين کي FSD جي منظوري لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جڏهن ته ريگيوليٽرن اڃا ٽيڪنالاجي بابت دستاويز به نه ڏٺا هئا.
ٽيسلا ايسٽونيا ۽ فنلينڊ سان به رابطو ڪيو ۽ انهن ملڪن کي درخواست ڪئي ته هو هالينڊ جي منظوري کي تسليم ڪن، جيئن انهن ملڪن ٻڌايو ۽ اي ميلن مان ظاهر ٿيو.
سوئيڊن، فنلينڊ ۽ ايسٽونيا جي ريگيوليٽرن رائٽرز کي ٻڌايو ته هو اڱاري جي ڪميٽي اجلاس ۾ پيش ڪيل مواد جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪندا.
وال اسٽريٽ جي ڪجهه تجزيه نگارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن اندر سڄي يورپ ۾ FSD جو وسيع استعمال شروع ٿي سگهي ٿو. ٽيسلا جو چوڻ آهي ته يورپ ۾ FSD جي منظوري علائقي ۾ وڪرو وڌائڻ لاءِ اهم آهي، جتي 2025 ۾ مسڪ جي سياسي سرگرمين خلاف احتجاجن سبب وڪرو 27 سيڪڙو گهٽجي ويو.
ريگيوليٽرن سان شيئر ڪيل هڪ ڳجهي پريزنٽيشن ۾ ٽيسلا چيو آهي ته هن سال جي ٻي يا ٽين چوٿين ۾ “سڄي يورپي يونين ۾” منظوري ملڻ جي اميد آهي.

تبصرے بند ہیں۔