نيويارڪ: آءِ ايم ايف ايران جنگ 2027 تائين هلڻ ۽ تيل جون قيمتون 125 ڊالر بيرل تائين پهچڻ جي صورت ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ بيان ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته عالمي مالياتي اداري جي اڳ ۾ ڪيل اڳڪٿي موجوده حالتن جي حوالي سان صحيح نه هئي.
هن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف پهريان اڳڪٿي ڪئي هئي ته ايران جي خلاف آمريڪا اسرائيل جنگ عالمي اقتصادي ترقي ۽ مهانگائي ۾ معمولي اضافي جو سبب بڻجندي.
آءِ ايم ايف جي ايم ڊي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران جي جنگ 2027 تائين جاري رهي ۽ تيل جون قيمتون 125 ڊالر رهيون ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.
تبصرے بند ہیں۔